17 بدھ , اکتوبر 2018

عالمي۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ گڏجي ڀُٽي خلاف سازش ڪئي:آئيني ماهر/تجزئي نگار

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) آئيني ماهرن، تجزئي نگارن ۽ صحافين چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوام وٽ وٺي آيو. ڀٽو جي صورت ۾ سنڌ کي سوا صدي کان پوءِ پهريون ڀيرو اقتدار مليو، تعليم جا در کليا ۽ ڪراچي ۾ سنڌين جي آمد شروع ٿي. عالمي ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ گڏجي سندس خلاف سازش ڪئي. افغانستان جو خراب حشر ڪرڻ لاءِ کيس اقتدار تان هٽايو ويو. عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ٽيون رخ پروگرام ۾ آئيني ماهر بئريسٽر ضمير گهمري چيو ته هي فيڊريشن ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏنل آهي. جنهن  آئين ڏئي ملڪ کي هلايو. 1843ع کانپوءِ 129 سالن جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو ڀٽو جي صورت ۾ سنڌ جو اقتدار بحال ٿيو. ڀٽو کان اڳ سنڌ ۾ ڪا منظم تنظيم نه هئي. هن سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي عوام ۾ آندو. سنڌ ۾ ڀٽو کي پوڄيو وڃي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ 1947ع کان هلندڙ جمود کي چئلينج ڪرڻ وارو ڀٽو هو، جنهن ڪري ملڪ جون سول، ملٽري بيوروڪريسي ۽ عالمي قوتون گڏجي ويون. ون يونٽ جي حامي قوتن ڀٽو خلاف سازش ڪئي. هن چيو ته ڀٽو ساهه ڏئي ويساهه ڏنو آهي. جنهن ڪري هو عوام جو هيرو آهي. تجزئي نگار ۽ پائلر جي سربراهه ڪرامت علي چيو ته 4 اپريل ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. ڇو ته چونڊيل وزيراعظم کي هڪ آمر ڦاسي تي چاڙهائي ڇڏيو. ڀٽو سان اختلاف هجڻ ڪري اسان کي جيل به موڪليائين پر اڄ سمجهون ٿا ته اسان جي مخالفت بي بنياد هئي. هن چيو ته ڀٽو ئي اهو سياستدان هو جنهن عام ماڻهو جي ڳالهه ڪئي. جنهن ڪري ٻيون پارٽيون به عوام جي پاسي ڏي آيون. هن چيو ته ڀٽو کان اڳ ڪراچي ۾ سنڌي نظر ئي ڪو نه ايندا هئا. 60 واري ڏهاڪي ۾ مان پاڻ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هئس. جتي ڪو به سنڌي نه هو پر ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري سنڌي نه رڳو ڪراچي پر ٻين ملڪن تائين وڃي پهتا. هن چيو ته آمريڪي سفارتخانو ڀٽو خلاف ماڻهن کي ڏوڪڙ ڏيندو هو. فيڪٽرين جا مالڪ مزدورن کي اجورو ڏئي ڀٽو خلاف جلوسن ۾ موڪليندا هئا. ڀٽي جي ڪري سنڌ ۾ تعليم جي شرح وڌي. هن تعليمي ادارا ٺهرايا جتان مڊل ڪلاس ٺهيو آهي. هو بهادر سياستدان هو جيڪڏهن ملڪ ۾ انصاف هجي ته جنرل ڪرام ويل جي لاش وانگر ضياءَ جي به هڏن کي قبر ۾ ڪڍڻ گهرجي. صحافي ۽ تجزئي نگار وارث رضا شاهه چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ٽيڪنوڪريٽ سياستدان هو. جنهن جي سياست هتان جي نظرياتي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو. هن صدارتي چونڊن ۾ فاطمه جناح بدران ايوب خان جي حمايت ڪئي. ڀٽو جو سنڌ لاءِ تمام هاڪاري ڪردار آهي. هن سنڌ سان زيادتيون بند ڪرايون. ڀٽو سنڌ جي ماڻهن کي ڳوٺن مان نڪري شهرن ۾ اچڻ جو شعور ڏنو. ڪراچي ته ڇا پر اسلام آباد ۾ به سنڌين کي آڻڻ لاءِ کين همٿايو. هن چيو ته ڀٽو دور ۾ سنڌ ۾ تعليمي جي شرح وڌي ۽ گهڻا تعليمي ادارا قائم ٿيا. هن چيو ته سنڌ جو عام ماڻهو اڄ به ڀٽو سان جذباتي طور جڙيل آهي. هن چيو ته عالمي اسٽيبلشمينٽ جنرل ضياءَ سان ملي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪرايو. جنهن جو سبب افغانستان کي تباهه ڪرڻ هو. پر جيڪڏهن ڀٽو زندهه هجي ها ته آمريڪا کي ائين ڪرڻ نه ڏئي ها. 029

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪوٽ غلام محمد: ترقياتي ڪمن ۾ ناقص سامان استعمال ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڌرڻو

*ڪوٽ غلام محمد ۾ شهرين پاران ترقياتي ڪمن ۾ غيرمعياري استعمال ڪرڻ تي ٺيڪيدار خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے