20 منگل , نومبر 2018

زمين بليڪ هول ۾ ڪرڻ سان 3 طريقن سان تباهه ٿيندي: سائنسدانن جو انڪشاف

ujsduijdujduk0weuiokلنڊن (ع آ نيوز) بليڪ هول اهڙي مريل ستاري کي چيو ويندو آهي جنهن جي ڪشش ايتري طاقتور هوندي آهي جنهن جي پنهنجي روشني ٻاهر نظر ناهي ايندي ۽ هوءَ هڪ دائري جيان نظر ايندو آهي، سائنسدانن موجب اهو ممڪن ناهي پر جيڪڏهن اسان جي زمين ڪنهن به طريقي سان بليڪ هول ۾ ڪري پئي ته ان جو خاتمو 3 طريقين سان ٿيندو، پهريون وڻ، جبل، عمارتون ۽ اسان پاڻ سيويون جيان ڇڪجي وڏا ٿي وينداسين، جيڪڏهن ڪو انسان بليڪ هول ۾ پنهنجو پير وجهي ته سندس پير وڏا ٿي ويندا ۽ ان کانپوءِ سندس موت ٿي ويندي، ٻيو نظريئي موجب اهو به ٿي سگهي ٿو ته بليڪ هول جي ويجهو جيڪا به ماده وڃي ان جي سطح جي جمع ٿي وڃي ۽ ان ۾ اندر ڌڪبو وڃي، اهو عمل ڇڪجل يا وڏو ٿيڻ کان پهرين به ٿي سگهي ٿو جنهن سان ماڻهو ان ۾ ڌڪجي فوت ٿي سگهي ٿو، ٽيئن نظريئي موجب ايئن به ٿي سگهي ٿو ته خاص قسم جي بليڪ هولن سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ ماده يا ڪا به شئي تباهه نه ٿي ۽ ان جي نقل ٺهي وڃي جيڪا هميشا هميشا لاءِ اتي موجود رهندي ۽ ماهر ان کي مادي جو هولوگرام چوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے