14 بدھ , نومبر 2018

انساني دماغ هڪ هزار خرب بائٽس معلومات جمع ڪري سگهي ٿو

452004-Humanbrainmemory-1455483754-651-640x480ڪيلي فورنيا (ع آ نيوز) سائنسدانن جديد تحقيق تحت نتيجو ڪڍيو آهي ته عام دماغ هڪ هزار خرب بائٽس معلومات جمع يا ياد رکي سگهي ٿو، جيڪو دنيا جي جديد سپر ڪمپيوٽر جي ميموري برابر آهي، فوربز موجب انساني دماغ جي معلومات جمع ڪرڻ جي اهليت ماضي جي تجربن آڏو تمام گهڻي آهي، نيورو سائنسدانن موجب انساني دماغ جي ياد رکڻ جي طاقت اڳي جي تجربن کان گهڻي وڌيڪ آهي، آمريڪي سائنسدانن ياد يا جمع ڪرڻ بابت خوج ان ريت ڪئي ته دماغي ميموري ۾ موجود معلومات جي خزاني کي ڪمپيوٽر جي ميموري جي بائٽس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، هڪ بائٽ 8 بٽس تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي طاقت صرف آن آف جيتري آهي، تحقيق سان خبر پئي ته انساني دماغ هڪ هزار خرب بائٽس جي معلومات جو خزانو جمع ڪري سگهي ٿو، جيئن پيٽا بائٽس ڪندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے