19 پیر , نومبر 2018

هاڻ اسمارٽ فون کي صابڻ سان به ڌوئي سگهجي ٿو…………

rafreٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فونون تڪڙيون مَيريون ٿي وينديون آهن، جڏهن ته گهڻي قدر فونون پاڻي کي پسند ناهن ڪنديون ۽ صابڻ کي به بلڪل نه پر هاڻ توهان اهڙي اسمارٽ فون خريد ڪري سگهو ٿا، جيڪا نه رڳو واٽر ريزيزٽنٽ آهي پر توهان ان کي بنا ڪنهن پريشاني جي صابڻ سان به ڌوئي سگهو ٿا. اها آهي ڪيو سيرا رافري نالي اسمارٽ فون، جنهن جي ٽچ اسڪرين کي نه رڳو آلن هٿن سان پر دستانا پائي به استعمال ڪري سگهجي ٿو. بنيادي طور اها وچولي درجي جي فون آهي، جيڪا 5 انچ اسڪرين، 2 جي بي ريم، 16 جي بي ميموري، 13 ميگا پڪسل رئير ڪئميرا، 3 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ اينڊرائيڊ 7.0 آپريٽنگ سسٽم سان گڏ آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان فون ۾ روايتي اسپيڪر ناهي ۽ نه وري ائير پيس پورٽ، جيڪو فونن کي پاڻي، مِٽي ۽ ٻين شين کان بچائيندو آهي. ان جو سبب اسمارٽ سونڪ ريسيور ٽيڪنالاجي جو استعمال آهي، جيڪو آواز کي وائبريشن جي صورت ۾ پهچائيندو آهي. ان فون کي توهان عام صابڻ سان به ڌوئي سگهو ٿا. جاپاني ڪمپني جي تيار ڪيل ڪيو سيرا رافري اسمارٽ فون هلندڙ سال مارچ ۾ سڀ کان اڳ جاپان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ فون X اپڊيٽنگ دوران ڦاٽي پيو، ايپل جو جاچ جو واعدو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽوئيٽر تي هڪ شخص پنهنجي اسمارٽ فون جي تصوير پوسٽ ڪندي دعويٰ ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے