15 ہفتہ , دسمبر 2018

دهشتگردن قلندر جي نگري کي رت ۾وهنجاري ڇڏيو ، آپگهاتي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 72 ڄڻا شهيد، 250 زخمي

Untitled-5سيوهڻ/ڄام شورو (رپورٽ: خالد ميمڻ+انور چانڊيو) صوفين جي سرزمين سنڌ تي وار، دهشتگردن قلندر جي نگري کي به رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو، درگاهه اندر ڌماڪي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 72 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اڍائي سئو کان مٿي زخمي ٿي پيا آهن. گذريل شام درگاهه قلندر لعل شهباز ۾ ڌمال شروع ٿيڻ جي 10 منٽ بعد قلندر لعل شهباز جي مزار جي اندر زوردار ڌماڪو ٿيو، گنبذ ۾ سوين شهرين ۽ زائرين جي موجودگي جي ڪري وڏي انگ ۾ زخمي ۽ شهيد ٿي ويا. جڏهن ته ڌماڪي ٿيڻ بعد شهرين رڪشن ۽ پرائيوٽ گاڏين ۾ فوتين ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال پهچايو، جڏهن ته درگاهه قلندر جي اندر ڌماڪي بعد وڏي انگ ۾ لاش ۽ ڪٽيل عضوا پکڙجي ويا. بعد ۾ پوليس درگاهه کي مڪمل طور سيل ڪري ڇڏيو آهي شهر مڪمل طور بند ٿي ويو. جڏهن ته تعلقه اسپتال سيوهڻ ۾ سوين شهرين جي پهچڻ سبب زخمين ۽ فوتين جا انبار لڳي ويا.جڏهن ته اسپتال جي عملي کي محدود وسيلن جي ڪري طبي امداد ۾ سخت ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون. جڏهن ته واقعي ۾ فوتين ۽ زخمين ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جا زائرين موجود آهن. جيڪي جمعي جي رات هجوم ڪري وڏي انگ ۾ سيوهڻ مزار تي پهتل هئا. پوليس مطابق ان وقت درگاهه جي مختلف حصن ۾ 8 کان 10 هزار جي لڳ ڀڳ زائرين موجود هئا. زخمين ۽ شهيد ٿيلن کي اتي موجود زائرين ۽ ايڌي رضاڪارن پنهنجي مدد پاڻ تحت تعلقه اسپتال سيوهڻ پهچايو. ڌماڪي بعد لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو، سول اسپتال حيدرآباد، سول اسپتال شهيد بينظيرآباد، سول اسپتال دادو، تعلقه اسپتال ڪوٽڙي ۽ ٻين ويجهن شهرن جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي جڏهن ته لياقت يونيورسٽي جي وائس چانسلر يونيورسٽي جي طبي ۽ پيرا ميڊيڪل سميت ٻئي عملي کي فوري طور تي سيوهڻ روانو ڪيو. ڄاڻايل اسپتالن ۾ رت جا عطيا ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شهري پهچي ويا جيڪي زخمين لاءِ رت جا عطيا ڏيندا رهيا. اسپتال جي ايم ايس موجب تعلقي اسپتال ۾ ئي 50 لاش پهتا هئا. قلندر لعل شهباز آپگهاتي حملي ۾ فوتين جو انگ 72 کان وڌي ويو. 250 کان وڌيڪ زخمي. فوتين ۾ 11 ڄڻن پوليس جمعدار عبدالعليم پنهور، نوجوان اياز سولنگي، پيرل خان خاصخيلي، فياض حسين، نجيب منگي، مجاهد علي کوکر، اويس کوکر، ڪاشف کوکر، رضوان کوکر، بخشل کوکر، تهمينه بروهي، آمنه بروهي ۽ ڪلثوم خاصخيلي جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن جن جو تعلق لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، سيوهڻ ۽ محرابپور سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جا امڪان موجود آهن. پوليس موجب ڌماڪو عورتن واري حصي ۾ ٿيو، 43 مرد، 12عورتون ۽ 20 ٻار شهيد ٿيڻ جي فيصل ايڌي تصديق ڪئي آهي. ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. نواب شاهه اسپتال مان سخت زخمين کي فوجي هيليڪاپٽرن ذريعي  ڪراچي منتقل ڪيو ويو. هوائي فوج به سيوهڻ ۽ نواب شاهه ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪيون. هوڏانهن داعش واقعي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عثمان انصاري پاڻ کي اڏايو. واقعي بعد سيوهڻ شهر ۾ خوف رهيو. ايس ايس پي ڄام شورو طرق بن والايت موجب آپگهاتي بمبار عورت ٿي لڳي. ريسڪيو آپريشن بعد درگاهه سيل ڪئي وئي. جيو ٽي وي موجب داعش حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. درگاهه نوراني تي حملي ۾ لشڪر جهنگوي داعش جي مدد ڪئي هئي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سانحي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، رات دير سان وڏو وزير ۽ آءِ جي سيوهڻ پهتا. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے