21 بدھ , نومبر 2018

سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ وڌي 80 ٿي ويو، 55 لاش وارثن حوالي

Sehwan Blastسيوهڻ شريف(ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر  جي مزار تي ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 80 ٿي ويو آهي جڏهن ته 55 لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن. 15 لاش هاڻ به سيوهڻ جي تعلقي اسپتال ۾ موجود آهن جڏهن ته 5 ڄڻن جي سڃاڻپ جي لاءِ ڊي اين اي نمونا ورتا ويا آهن. ڌماڪي جا 15 ڄڻا تعلقي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 41 سخت زخمي ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه منتقل ڪيا ويا آهن. حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي ۾ 80 ڄڻا شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا. 155 زخمين کي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين تصديق ڪندي چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 80 ٿي ويو آهي جن مان 67 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. اختيارين موجب 75 ڄڻن جا لاش سيوهڻ جڏهن ته 5 ڄڻن جا لاش نواب شاهه اسپتال آندا ويا.  ٻئي پاسي سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته ممڪنه طور حملي آور مرد هو، ڌماڪو مزار جي اندر ٿيو، اڱن ۾ ٿئي ها ته جاني نقصان وڌيڪ ٿي سگهي پيو. هن چيو ته جاچ ڪندڙن ڌماڪي جي هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رهيا آهن. هوڏانهن قلندر جي عقيدتمندن خوف ۽ دهشت اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڌماڪي جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ئي مزار تي روايتي گهٽني ۽ دهل جا آواز گونجڻ لڳا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ ڦَٽن تي لوڻ پيو ٻُرڪي، هاڻ اهو ئي ڪنداسين جيڪو مفاد ۾ بهتر هوندو: عمران خان

واشنگٽن + اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ۽ پاڪستاني وزيراعظم ٽوئيٽر تي آمهون سامهون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے