16 جمعہ , نومبر 2018

اسان پنهنجي سڃاڻپ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون: نواز شريف

Nawazسيوهڻ(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان کي نشانو بڻائي رهيا آهن، دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ سيوهڻ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل جاويد قمر باجوه، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ آهن. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان هن جنگ ۾ هر صورت ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته اسان کي دهشتگرد قوتن خلاف گڏ ٿيڻو پوندو جڏهن ته قوم بدترين دهشتگردي کي منهن ڏئي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايس پي داوڙ قتل ڪيس: ڪي پي حڪومت کي اسلام آباد پوليس سان سهڪار جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ايس پي طهار داوڙ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے