21 بدھ , نومبر 2018

سيوهڻ ڌماڪو: دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو: سيد قائم علي شاهه

qaim alil Shahلاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزيرسيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سيوهڻ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ، دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو . سيد قائم علي شاه لاڙڪاڻي ۾ سيوهڻ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج ۽ ٻيون ايجنسيون دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيون آهن .سڄي ملڪ ۾ اهڙو آپريشن ڪيو وڃي  ته جيئن دهشتگردن جي پاڙ پٽي سگهجي. هن چيو ته سيوهڻ واقعي جي سينئر آفيسر جاچ ڪري رهيا آهن ، في الحال ڪنهن جي غفلت بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي، ذميوارن کي ڪنهن به صورت معاف نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan, Malaysia agree to enhance cooperation in diverse fields

ملائيشيا ۽ پاڪستان طرفان مستقبل ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق

ڪولالمپور(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ملائيشيا مستقبل ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے