18 اتوار , نومبر 2018

سيوهڻ واقعي کانپوءِ انساني عضون کي تقدس موجب گڏ ڪيو ويو: مولا بخش چانڊيو

Mola Bux Chandioڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته سيوهڻ حملي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، انساني عضوا پکڙجڻ ۾ سنڌ حڪومت جي ڪا به ڪوتاهي ناهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته قانوني تقاضن لاءِ ڌماڪي واري هنڌ کي فوري طور صاف نٿو ڪري سگهجي. واقعي کانپوءِ انساني عضون کي تقدس موجب گڏ ڪيو ويو، خدارا اهڙيون ڳالهيون پکيڙي شهيدن جي وارثن جي دل نه رنجائي وڃي. هن چيو ته انساني عضوا ڪچري جي ڍيرن تان هٿ اچڻ جي ڳالهه ڪنهن ڪئي؟. انسانيت جي دشمنن بزرگ هستي جي مزار تي رت جي راند کيڏي. مولا بخش چانڊيي چيو ته انسانيت جي ڪري ان حساس معاملي تي سياست کان پاسو ڪيو وڃي. حڪومت تي ڀلي تنقيد ڪيو پر انسانيت دشمن عمل جو حصو نه بڻجو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران 13 پوليس مقابلا، 4 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس گذريل هڪ هفتي جي مجموعي ڪارڪردگي تي ٻڌل رپورٽ  جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے