13 منگل , نومبر 2018

چئني صوبن ۾ حملا رٿابنديءَ تحت ٿيا: خواجه آصف

khwaja asifميونخ(ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته چئني صوبن ۾ حملا رٿابنديءَ تحت ٿيو، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي.  دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پهريان هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اولهه جي موجوده پاليسيون دهشتگرديءَ ۾ اضافي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، اولهه جون الڳ رهڻ جي پاليسي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ رنڊڪ آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي چئني صوبن ۾ حملو رٿابنديءَ تحت ٿيو، افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٿيڻ وارن حملن تي به ڳالهائينداسين، افغان صدر سياسي تجربو گهٽ هئڻ سبب پاڪستان خلاف بيان ڏيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے