18 اتوار , نومبر 2018

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزارت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي اشتهارن بابت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا

Senet of pakistanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزارت گذريل ٽن سالن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن بابت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا، سڌ سماءَ واري وزارت چيو ته ٽن سالن دوران 10 ارب 92 ڪروڙ 69 لک 51 هزار 439 روپيا اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اشتهارن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا آهن.  سڌ سماءَ واري وزارت تفصيلن ۾ چيو ته پهرين جنوري 2014 کان 31 ڊسمبر کان 2016 تائين پرنٽ ميڊيا کي 7 ارب 43 ڪروڙ، 32 لک 40 هزار 178 روپيا اشتهارن تي خرچ ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل تفصيلن ۾ چيو ويو ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ 3 ارب 48 ڪروڙ 37 لک روپيا اشتهارن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا آهن. سڌ سماءَ واري وزارت چيو ته چيو ته ٽن سالن دوران 10 ارب 32 ڪروڙ 69 لک 51 هزار 439 روپيا اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اشتهارن جي مد ۾ خرچ ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي شيخ محمد بن زيد سان دبئي ۾ ملاقات  

دبئي ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے