17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ حڪومت جو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آءِ ٽي منصوبو قائم ڪرڻ جو فيصلو

Murad Ali Shahڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آءِ ٽي منصوبو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزير اعليٰ هائوس ۾ جاري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشب بابت وڏي وزير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران عارفه ڪريم آءِ سٽي منصوبو ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. عارفا ڪريم آءِ سٽي لا۽ 200 ايڪڙ زمين موٽروي ويجهو مختص ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت دوميسائيل پي آر سي آٽوميشن منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪرڻ چاهي ٿي. وزير اعليٰ سنڌ کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي تحت پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي هڪ جديد سافٽ ويئر ٺاهيو ويندو جنهن سان جعلي ڊوميسائيل پي آر سي ٺهي نه سگهندو. اجلاس منصوبي جي منظوري ڏيندي جلد فزيبلٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جا 35 سياستدان دبئي ۾ ملڪيتن جا مالڪ نڪتا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے