19 پیر , نومبر 2018

سنڌ جي گورنر سان ايئر وار ڪورس ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ وفد جي ملاقات

Md Zubairڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر محمد زبير سان ايئر وار ڪورس 2017ع ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ 45 ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي آهي،  ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي صورتحال، پاريسري ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن تي به ڳالهه ٻول ڪئي وئي، ملاقات دوران دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار، ڪراچي آپريشن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وفد سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر محمد زبير جو چوڻ هو ته دنيا جي امن جي لاءِ پاڪستان جو ڪردار تمام اهم آهي، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سدائين فرنٽ لائين اسٽيٽ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، سي پيڪ سموري خطي جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، سي پيڪ جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، ايئر وار ڪورس ۾ غير ملڪي فوجن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے