16 جمعہ , نومبر 2018

فوجي عدالتن بابت ترميم تي اتفاق جو پڙهي ڏک ٿيو: رضا رباني

Raba rabaniاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته فوجي عدالتن بابت ترميم تي اتفاق ٿيڻ جو پڙهي ڏک ٿيو اعتزاز احسن چيو ته حڪومت تي اعتماد ڪندي زهر جا ڍڪ پيئندا رهيا آهيون پر اسان جي اندر هاڻ به بي اعتمادي آهي، اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتون ڪنهن به پارٽي جي ترجيح ناهن ۽ نه ئي هئڻ گهرجي، اهڙا قدم دهشتگردين جي واقعن جي ڪر کڻڻا پوندا آهن. سينيٽ اجلاس ۾ ميان رضا رباني چيو ته بيهر فوجي عدالتن بابت ترميم تي اتفاق ٿيڻ خبرن ۾ پڙهيو، رڳو نشاندهي ڪرڻ چاهيان ٿو ته 2 سال پهرين به اها ترميم منظور ڪئي وئي هئي. هاڻ اسان ٻيهر ساڳي جاءِ تي اچي پهتا آهيون جتي ٻه سال پهرين هئاسين. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته فوجي عدالتون ڪنهن به پارٽي جي ترجيح ناهن ۽ نه ئي وري هئڻ گهرجن. قوم جنهن صورتحال مان گذري رهي آهي ان کاسواءِ ٻيو ڪو آپشن به نه هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے