18 اتوار , نومبر 2018

ايرانين سخت گير سوچ کي رد ڪري ڇڏيو، پارلياماني چونڊن ۾ اعتدال پسند اڪثريت سان ڪامياب

iran_flagتهران (م ڊ) ايران جي پارلياماني چونڊن ۾ سڌارا پسندن  کي اڪثريت حاصل ٿي وئي، راڄڌاني تهران جون سموريون 30 ئي سيٽون به اعتدال پسندن حاصل ڪري ورتيون آهن، پارليامينٽ جي 290 ميمبرن ۽ مجلس رهبري لاءِ 88 عالمن جي چونڊ لاءِ  ووٽ وڌا ويا، جن ۾ لکين ماڻهن  ووٽ ڏنا، مجلس رهبري جا 88  ميمبر ايران جي رهبر اعليٰ  جي چونڊ ڪندا آهن،  امڪان آهي ته هو بيمار ۽ پيرسن آيت الله خامنه اي جي جانشين  جي به چونڊ ڪندا  رهبر اعليٰ خامنه اي 76 ورهين جو ٿي ويو آهي، تجزئي نگارن موجب تهران ۾ پارلياماني نتيجا اهم آهن،  ڇاڪاڻ ته راڄڌاني ۾ قانون ٺاهڻ وارا ايران جي سياسي رخ جو تعين ڪندا آهن، آمريڪا سان ايٽمي ٺاهه بعد ٿيندڙ چونڊن کي اهميت ڏني پئي وڃي، تجزئي نگران موجب  نتيجن مان ظاهر ٿيو ته  حسن روحاني 2017ع ۾ به ٻيهر صدر چونڊجي ويندو، ايراني صدر حسن روحاني چيو آهي ته چونڊ نتيجن حڪومت کي عوامي اعتماد طاقت بخشي، هاڻ مقابلو ختم ٿي ويو، ايران ۾ اقتصادي ترقي جو نئون باب شروع ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے