17 بدھ , اکتوبر 2018

گهرو وزارت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو

Choudhary Nisarاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ جاري آهي، جنهن دوران گهرو وزارت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو، گهرو وزارت موجب سوشل ميڊيا ذريعي انتهاپسندي، دهشتگردي جي ازالي جو طريقيڪار ناهي، گهرو وزارت موجب اسلام آباد، پنجاب، سنڌ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن سئو سيڪڙو مڪمل ڪئي وئي آهي، پشتونن جا بلاڪ سڃاڻپ ڪارڊ وڌيڪ ان لاءِ آهن، جو 35 لک افغاني پاڪستان آيا، چوڌري نثار چيو ته ملا منصور جو ته هڪ سڃاڻپ ڪارڊ هيو، اهڙا ڪيترائي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ آهن، صدقي ۽ خيرات جي قاعدن لاءِ پاليسين کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، دهشتگرد تنظيمن جي مالي مدد روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃڻ، دهشتگردي ٽوڙ فنانسنگ يونٽس سمورن صوبن ۾ بڻايا پيا وڃن، گهرو وزارت موجب فوجداري نظام انصاف تي نظرثاني لاءِ سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Srinagar: More than three Kashmiri martyrs of the Indian Army

سرينگر: قابض ڀارتي فوج جي هٿان وڌيڪ 3 ڪشميري شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے