14 بدھ , نومبر 2018

فوج دستياب نه هئڻ سبب آدمشماري ملتوي

PRIME MINISTER MUHAMMAD NAWAZ SHARIF IN A GROUP PHOTO WITH FEDERAL MINISTER FOR FINANCE, SENATOR MOHAMMAD ISHAQ DAR AND FOUR PROVINCIAL CHIEF MINISTERS PRIOR TO THE MEETING OF 28TH MEETING COUNCIL OF COMMON INTEREST (CCI) AT PM OFFICE ON 29TH FEBRUARY 2016.
PRIME MINISTER MUHAMMAD NAWAZ SHARIF IN A GROUP PHOTO WITH FEDERAL MINISTER FOR FINANCE, SENATOR MOHAMMAD ISHAQ DAR AND FOUR PROVINCIAL CHIEF MINISTERS PRIOR TO THE MEETING OF 28TH MEETING COUNCIL OF COMMON INTEREST (CCI) AT PM OFFICE ON 29TH FEBRUARY 2016.

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سومر ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ جي خاڪي، عملدرآمد ۽ تڪميل ۾ وڏيون بي قاعدگيون ٿيون آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ابتدائي طور تي ايڪنڪ هي منصوبو سال 2003ع ۾ 27.5 ارب روپين جي لاڳت سان منظور ڪيو هو تنهن هوندي به بعد ۾ 57.7 ارب روپين جي اضافي لاڳت سان پي سي ون تي نظرثاني ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پراجيڪٽ فزيبلٽي اسٽيڊي ۽ پي سي ون کانسواءِ شروع ڪيو ويو. وزيراعظم منظوري کانسواءِ پراجيڪٽ لاءِ غير قانوني طور تي فنڊز جاري ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پراجيڪٽ جو آغاز ڪندڙن ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ۾ فنڊ جاري ڪندڙن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ قانون جي مطابق ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ سرڪاري رقم جي لاڳت تي اهڙي غلط مهم جي سٽ نٿو سهي سگهي، وزيراعظم چيو ته ماڻهو يا ادارا چاهي ڪير به ذميدار هجي، ڪير اهڙن غلط منصوبن تي پاڪستان جي عوام جي سامهون جوابده هجڻ گهرجي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪڇي ڪينال پراجيڪٽ ۾ مبينا قانوني خلاف ورزين جي ذميداري جي تعين لاءِ هڪ تحقيقاتي ڪميشن جوڙڻ جي منطوري ڏني، ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جو جج هوندو جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت، منصوبابندي ۽ سڌارن، ناڻي وارا سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا. وزيراعظم پراجيڪٽ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته فوري طور تي عملدرآمد منصوبي سان گڏ نئين فزيبلٽي اسٽيڊي تيار ڪئي وڃي، اجلاس ۾ پاڪستان ۾ آدم شماري ڪرائڻ جي معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، شماريات ڊويزن جي سيڪريٽري شاهد حسين عباس اجلاس کي ملڪ ۾ آدم شماري ڪرائڻ جي معاملي تي آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ 166819 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن لاءِ 210239 هيڊز جي ضرورت آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جيتوڻيڪ پاڪستان جي هٿياربند فوج جاري آپريشن ضرب عضب ۾ مصروف آهي ان لاءِ مارچ يا اپريل ۾ هڪ ئي ڏينهن پوري ملڪ ۾ فوجي اهلڪارن جي مقرري ممڪن نه آهي، ڪائونسل لاڳاپيل عملدارن کي چيو آهي ته هو آدم شماري جي انعقاد لاءِ گهربل انساني وسيلن جي دستيابي لاءِ هٿياربند فوج سان مشاورت ڪن ۽ نئين تاريخ تجويز ڪن. اجلاس کي نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان 5 جي جوڙجڪ جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته منصوبي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 25 مارچ 2016ع جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ سمورن صوبن ۽ لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ۾ جامع فزيبلٽي اسٽيڊي ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان انتهائي قومي اهميت جو حامل آهي ان لاءِ ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ ان واحد ايجنڊا جي طور وٺڻ گهرجي. پاڻي ۽ بجلي واري وزير، موسمياتي تبديلي واري وزير ۽ چئني وڏن وزيرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي هي پلان پيش ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير 1991ع جي تاريخي پاڻي معاهدي تي وزيراعظم جي واکاڻ ڪندي چيو ته صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو هي غلطين کان پاڪ هڪ ميڪنزم آهي، هن ڪراچي ۾ تازو ئي 16 ارب روپين جي گرين لائين بس سروس جي آغاز تي به وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پرويز خٽڪ هائيڊل منافع جي ادائيگي ۽ هائيڊل رهتن ۽ چشمه رائيٽ بينڪ اپ لفٽ ڪينال جي پراڻي معاملي جي حل تي وزيراعظم سان ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته صوبي جا ڪجهه هائيڊل منصوبن جي منظوري گهربل آهي، وزيراعظم چيو ته انهن منصوبن کي بنا دير منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي پيش ڪيو وڃي. اجلاس پاڪستان انرجي ايفيشنسي اينڊ انرجي ڪنزرويشن بل 2014ع جي ايجنڊا جو جائزو ورتو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان فيصلي تي عملدرآمد ٿيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري قرض جي انتظام ۽ سپر ويزن پاليسي جي ايجنڊا آئٽم تي به عملدرآمد ٿيڻ باقي آهي، اجلاس سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي مسودي جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي وزير پير صدر الدين شاهه راشدي، سيفران واري وزير لفيٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله خان زهري، وزيراعظم جي سيڪريٽري فواد حسن فواد، پنجاب جي چيف سيڪريٽري خضر حيات گوندل، سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري امجد علي خان ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري سيف الله چٺا شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينڊين پرڏيهي وزير جو شاهه محمود سان رابطو، آسيا بي بي معاملي تي ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سندس ڪينيڊين هم منصب ٽيليفون ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے