17 ہفتہ , نومبر 2018

رينجرز جون ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 9 ڄڻا گرفتار، هٿيار ۽ منشيات هٿ: ترجمان

rangers-intensifyڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجزر سنڌ جي ترجمان چيو آهي ته رينجرز ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رينجرز سنڌ جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري  ۽ ٻين ڏوهن جا جوابدار شامل آهن،  گرفتار جوابدارن ۾ 3 جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي، طارق، سجاد، ڪامران ايم ڪيو ايم لنڊن جي لاءِ سهولت ڪاري، ڀتي خوريءَ ۾ ملوث آهن، رينجرز ترجمان موجب الفلاح ۾ ڪارروائيءَ دوران 3 ماڻهن تي ٻڌل ڦرن ۽ ڌاڙن جو گروپ به گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار تيمور، يوسف ۽ زبير ڌاڙن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن، ترجمان موجب سهراب ڳوٺ ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو ڪندڙ شمشير ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدارن وٽان هٿيار، ايمونيشن ۽ منشيات به هٿ ڪئي وئي آهي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهموري روپ ۾ هٽلر سامهون اچي ويو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے