15 جمعرات , نومبر 2018

خط معاملي کي اڇلائڻ اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ آهي: يوسف رضا گيلاني

Yousaf Raza Gilaniملتان (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ چيو آهي ته سڄي دنيا جي سفارتخانن ۾ سڪيورٽي ايجنسين جا اهلڪار مقرر هوندا آهن، سفير کي اختيار ڏيڻ جو مقصد سفارتخاني کي پاور فل بڻائڻو هوندو آهي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلانيءَ جو چوڻ هو ته خط جو مقصد ويزائون جاري ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ هو باءِ پاس ڪرڻ نه هو، خط ۾ لکيل آهي ته سفير ڪيس پاڪستان ريفر ڪرڻ بدران ويزا جاري ڪري سگھي ٿو، خط ۾ ڪٿي به لکيل نه آهي ته سفير سفارتخاني جي اصولن کي نظر انداز ڪري، سفير کي واضح هدايتون ڏنيون هيون ته اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سفارشن تي ويزائون جاري ڪيون وڃن، درخواستن ۾ وزٽ جو واضح مقصد داخل ڪرڻ جي هدايت به ڪئي هئي، خط ۾ اسپيشل آمريڪي فورسز کي ويزا ڏيڻ جي اجازت جو سوائي پيدا نه ٿو ٿئي، ان معاملي کي اڇلائڻ جو مقصد اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ آهي، وزيراعظم طور چيو هو ته اسامه بن لادن جي موجودگيءَ جي جاچ ڪرائي وڃي، ڄاڻايل خط تي راءِ جي لاءِ مختلف وزارتن کي به موڪليو ويو، 2002ع کان 2017ع ويزا جاري ڪرڻ واري عمل جي جاچ ڪرائي وڃي، آمريڪين کي شمسي ايئربيس استعمال ڪرڻ جي اجازت پرويز مشرف ڏني هئي. يوسف رضا گيلانيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايبٽ آباد آپريشن ۾ حصو وٺندڙ آمريڪي فورسز ويزا وٺي نه آئي هئي، پيپلز پارٽيءَ آمريڪا کي ان قسم جي ڪا اجازت ڪڏهن  به ناهي ڏني، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ئي آمريڪين کان شمسي ايئربيس خالي ڪرايو هو، اسامه بن لادن جي پاڪستان ۾ موجودگيءَ جي جاچ ڪئي وڃي نه ويزا جاري ڪرڻ تي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني واٽر ڪمپنيون وڏو اسڪينڊل بڻجي ويون آهن، قوم جو نقصان نه ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

ااسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ بوتل بند پاڻي وڪرو ڪندڙ ۽ شربت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے