21 بدھ , نومبر 2018

پاڪ فوج عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکندي: آرمي چيف

Army Chaifراولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪنٽرول لائين جو دورو ڪيو آهي، آرمي چيف ڪيل سيڪٽر ۽ شارده ۾ اڳين مورچن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي جي او سي مري ميجر جنرل اظهر عباس ڪنٽرول لائين جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، آرمي چيف کي ڀارت طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙين کان به آگاهه ڪيو ويو، آرمي چيف ڀارتي ڇڪتاڻ جي ردعمل ۽ آپريشن تيارين کي ساراهيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته شرپسندن جي موجودگي جو ڀارتي پروپيگنڊه ڪمشنير ۾ ڇڪتاڻ ڦهلائڻ جي ڪوشش آهي، ڀارتي ناپاڪ ارادا ۽ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، آرمي چيف چيو ته آزاد ڪمشير جو عوام والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ مڙهيل ايجنڊه کان آگاهه آهي، پاڪ فوج عوام جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکندي، آرمي يچف آزاد ڪشمير حڪومت سان ملي ترقياتي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ جي هدايت ڪئي، آرمي چيف ڀارتي فورسز کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي جوانن کي ساراهيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي مقامي آبادي ۾ آدم شماري تي به بريفنگ ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے