18 منگل , دسمبر 2018

افغانستان جي عدم استحڪام سبب پاڪستان سميت سڄو خطو متاثر ٿيندو: اعزاز چوڌري

Aizaz Choudharyواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان سفير اعزاز احمد چوڌري چيو آهي ته مضبوط افغانستان خطي جي مفاد ۾ آهي جڏهن ته افغانستان ۾ عدم مضبوطي پاڪستان سميت سڄي خطي تي اثر انداز ٿيندي. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان پر امن لاڳاپا چاهي ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت کي خطي جي سلامتي کي نظر ۾ رکندي بامعنيٰ ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته هر ڀيري پاڪ ڀارت ڳالهيون دير جو شڪار ٿيڻ جو فائدو انتهاپسند ۽ دهشتگرد کڻندا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا انتهائي اهميت تي ٻڌڪ آهن، مضبوط افغانستان خطي جي مفاد ۾ آهي جڏهن ته افغانستان ۾ عدم مضبوطي پاڪستان سميت خطي تي اثر انداز ٿيندي آهي، افغانستان ۾ قيام امن جي لاءِ واحد حل سياسي مضبوطي ۽ ڳالهيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ ۽ ن ليگ آصف زرداري ۽ نواز شريف ۾ رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ پ پ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے