17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌ ۾ گھر ڳڻڻ جي اڻ پوري عمل بعد ماڻهن جي ڳڻپ جاري

Adam Shumariڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهر ڳڻپ جي اڻ پوري عمل بعد سنڌ ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ جو سلسو جاري آهي، شماريات کاتي جون ٽيمون ڪراچيءَ ڊويزن، حيدرآباد،گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ گهر گهر وڃي ماڻهن جي ڳڻپ ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آهن، آدمشماري جي اٺين ڏهاڙي به ڪراچيءَ ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، شماريات کاتي جون ٽيمون گهر گهر وڃي ماڻهن جي ڳڻپ ۽ سندن ڊيٽا گڏ ڪري رهيون آهن، ڪراچيءَ جي ڇهن ئي ضلعن توڙي حيدرآباد،گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي جي ڏهن يوسيز ۾ ماڻهن کي ڳڻيو پيو وڃي، راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ سميت ڪيترن ئي علائقن کان شماريات کاتي جون ٽيمون دير سان پهچڻ جون شڪايتون پڻ اچي رهيون آهن. آدمشماري ڪندڙ عملي جي سڪيورٽيءَ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن،جڏهن ته عوام به شماريات کاتي جي ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي، واضح رهي ته آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ ماڻهن کي ڳڻڻ وارو عمل 27 مارچ تائين جاري رهندو،جنهن کان پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ گهر ۽ آدمشماري وارو عمل شروع ڪيو ويندو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڄي سنڌ ۾ 10 کان 13 ربيع الاول تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، ترميمي نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ ۾ ٻيلهه سواري تي پابندي جو ترميمي نوٽيفڪيشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے