20 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ۾ بدقسمتي سان جيڪو هئڻ گهرجي اهو ناهي: رضا رباني

Raza rabaniڪراچي(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدقسمتي سان جيڪو ڪجهه هئڻ گهرجي اهو ناهي. قائد اعظم جو بڻايل سسٽم ناڪام ۽ تباهه ٿي چڪو آهي. ڪراچي جي خانگي يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته جمهوري حڪومت ۾ آئين جي ڪردار تي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جو مقصد اسان پاڻ وڃائي چڪا آهيون. هن چيو ته اسان قائد اعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ نظرئي کي به وڃائي چڪا آهيون، مون کي پنهنجي سياسي ڪارڪن هئڻ تي فخر آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان جي بنياد جو مقصد فلاحي رياست هو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان فلاحي رياست جو مقصد ناهيون ڏسي رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے