13 منگل , نومبر 2018

سنڌ کي 39 هزار ۽ پنجاب کي 38 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملندو: ارسا ترجمان

Indus Deltaاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي کوٽ جو خطرو ٽري ويو آهي. ارسا جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ کي پاڻي جي فراهمي 22 هزار ڪيوسڪ کان وڌائي 39 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. سنڌ کي 10 ڏينهن ۾ 39 هزار ڪيوسڪ پاڻي دستياب هوندو. ارسا ترجمان موجب سنڌ کي چشما بيراج مان 17 هزار ڪيوسڪ واڌو پاڻي ڏنو ويندو جڏهن ته پنجاب جي سپلائي 30 هزار ڪيوسڪ کان وڌائي 38 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پهاڙن تي موجود برف ڳرڻ سان پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿيندي ۽ سنڌ کي 17 هزار ۽ پنجاب کي 8 هزار ڪيوسڪ اضافي پاڻي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے