21 بدھ , نومبر 2018

بينظير جي قاتلن جي خبر هجي ها ته پلاند ضرور وٺان ها: ذوالفقار مرزا

Zulfiqar Ali Mirzaڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته مون کي بينظير ڀٽو جي قاتلن جو علم هجي ها ته انهن کان پلاند ضرور وٺان ها. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته بينظير ڀٽو جي قاتلن جي حوالي سان منهنجو بيان غلط طريقي سان ظاهر ڪيو ويو، بينظير جي قاتلن جي باري الله ئي ڄاڻي ٿو، مون کي خبر پئي ها ته پلاند ضرور وٺان ها. جنهن قاتل جو نالو ورتو ويو اهو بينظير جي قتل کان پهرين ئي ڏکڻ آفريقا ۾ مارجي چڪو هو. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين طرفان بيانن تي ذوالفقار مرزا چيو ته اڄ ڪلهه آصف زرداري پنهنجن انٽروين ۾ ادارن ۽ حڪومت کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان سان آصف زرداري ماڻهن کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته هو بلڪ ٺيڪ ٺاڪ ۽ ويڙهه جي موڊ ۾ آهي. هاڻ عوام جي رد عمل مان خبر پوندي ته آصف زرداري مضبوط آهي يا نه.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ ملائيشيا سان سهڪار ڪندو: شاهه محمود قريشي

ڪوالامپور (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے