22 پیر , اکتوبر 2018

سياسي سرگرمين کان روڪيو پيو وڃي، گم ٿيل ساٿي آزاد ڪرايا وڃن: فاروق ستار

Faroque sattarلاهور (ويب ڊيسڪ) متحده پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي سياسي سرگرمين کان روڪيو پيو وڃي، گم ڪيل ساٿين کي آزاد ڪرايو وڃي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار جو چوڻ هو ته بنا جواز ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جون قانوني آفيسون واپس ملڻ گهرجن، اهو اسان جو حق آهي. هن چيو ته اسان 180 گزن جي گهر مان تحريڪ هلائي رهيا آهيون، اسان کي سياسي خلا ڪڏهن فراهم ٿيندي. سندس چوڻ هو ته 80 سيڪڙو ايم ڪيو ايم کي لنڊن کان ڌار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهيون، اسان پاڪستان مخالف نعرا هڻندڙن کي رد ڪيو، جڏهن ته پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻندڙن کي ڀاڪر پائڻ گهرجي. فاروق ستار چيو ته 23 آگسٽ کانپوءِ رد عمل جي سياست کي رد ڪري چڪا آهيون، پاناما جي فيصلي کان اڳ لاهور جي دوري جو فيصلو ڪيو، اپريل ۾ پنجاب جي ڪارڪنن جو ڪنوينشن گهرائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے