21 بدھ , نومبر 2018

ملڪ کي فسادين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهيون: آرمي چيف

Army chiefراولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مهمند ايجنسي ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ پاڪ – افغان سرحد جو دورو ڪري فوجي دستن سان ملاقاتون ڪيون. سندس چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز فسادين کان ملڪ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، اثرائتو سرحدي نظام ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مهمند ايجنسي ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ پاڪ – افغان سرحد جو دورو ڪيو ۽ سوران توڙي ڪلايا ۾ فوجي دستن سان ملاقاتون ڪري سندن جذبي جي تعريف ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف طالبان ڪمانڊر دُران سميت 5 دهشتگردن جي مارجڻ تي فوجي جوانن جي واکاڻ ڪئي ۽ حملن جو وقت سر ۽ اثرائتو جواب ڏيڻ تي جوانن جي حوصلي ۽ عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته سڪيورٽي فورسز فسادين کان ملڪ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهي، سرحدي نگرانيءَ لاءِ هوائي نگراني سان گڏوگڏ جديد اوزار به لڳايا پيا وڃن. آرمي چيف چيو ته افغان اختيارين سان گڏجي سرحدي انتظامن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ڇو ته اثرائتو سرحدي نظام ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پينٽاگون پاڪستان کي خطي جو اهم اتحادي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے