11 منگل , دسمبر 2018

ڊاڪٽر محمد حسن جي شخصي ڪهاڻي

ستار  پيرزادو

اسان جي خاندان جو اهو فرد جيڪو اڄ ڪلهه ڊاڪٽر محمد حسن ٿو چوائي۽ ڪراچيءَ ۾ پهرين خانگي جانورن جي اسپتال 1969ع کان اڄ ڏينهن  تائين هلائي رهيو آهي. سندس والد جو نالو شفيع محمد عرف عام ۾ ملان جمن آهي، ان جو هي ٽيون نمبر پٽ ۽ منهنجو ماسڙ آهي. پاڻ 8 جولاءِ 1936ع ۾ ڄائو.(آتم ڪٿا، ڊاڪٽر محمد حسن) پر کيس سال کان سواءِ مهيني جي پڪ ڪانهي. مان سمجھان ٿو ته هو مارچ يا اپريل ۾ ڄائو هوندو جو اسان جو اڳلو ڳوٺ فيدر جيڪو درياهه جي کاٻي پاسي هوندو هو، اهو 1936ع جي وڏي ٻوڏ ۾ لڙهي ويو هو ۽ اسان جي خاندان جا ماڻهو پنهنجو الهه تلهه لوڙهائي، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي لڳ اچي جھڳا اڏي ويٺا ۽ ڳوٺ جو نالو حاجي لعل بخش شيخ رکيائون. جيئن ته ٻوڏ جا اڪثر مهينا جون کان آگسٽ تائين يا ڪڏهن سيپٽمبر تائين ٿيندا آهن،انهن ڏينهن ۾ درياهه به ريل ڇيل وهندو هو.اڃان درياهه تي بيراج به نه جڙييا هئا، تنهنڪري مرضيءَ سان پيو وهندو ۽ پائيندو هو، واهوندڙيون پيو جوڙيندو هو ۽ رخ پيو بدلائيندو هو. سو ڊاڪٽر محمد حسن مارچ يا اپريل ۾ ئي جنم ورتو هوندو.هو ڄائي ڄم کان بيحد ڪمزور ڄائو هو ۽ ڪمزور رهڻ لڳو هو تنهن  ڪري کيس گھر ۾’ پلپلو‘ ڪري سڌيندا هئا.  ويتر ٻوڏ جي ڪري ۽ آبهوا تبديل ٿيڻ جي ڪري هن جي صحت تي به ڪافي برو اثر پيو ۽ هو اڪثرڪمزو رهڻ لڳو. جڏهن دوا ستيءَ  ۽ دعا سڳي کان پوءِ تندرست ٿيو ته کيس ’بچو‘ ڪري ڪوٺيو وڃڻ لڳو.

ڊاڪٽر محمد حسن پرائمري ته پنهنجي ڳوٺ جي خليفي محمود جي اسڪول ۾ استاد غلام رسول جي نگرانيءَ ۾ پڙهي پاس ڪئي،  پرپوءِ هو جج مخدوم عبدالواليءَ جي چوڻ تي، جنهن جي خاندان جو سندس ابو ڏاڏو معتقد هوندو هو، سندس پٽ خالد مخدوم جي اڪيلي سر حيدرآباد ۾ پڙهڻ ڪري کيس به حيدرآباد وڃي پڙهڻ جي اجازت وٺي ڏنائين، جا ڪجھه ريڙهه پيڙهه کان پوءِ  کيس ملي وئي ۽ هو به ان سان حيدرآباد انگريزي پڙهڻ لڳو. هي پنهنجي خاندان جو پهريون ڇوڪرو هو جيڪو انگريزي پڙهڻ ويٺو هو.

ڊاڪٽر محمد حسن مئٽرڪ جو امتحان مير غلام محمد هاءِ اسڪول، ٽنڊو باگو (باغو) مان 1957ع ۾ سٺڻ نمبرن سان پاس ڪيو. ان ئي سال هن وٽيرنري اسسٽنٽ (جانورن جي علاج) جو ڇهن مهينن جو ڪورس به سٺن نمبرن سان پاس ڪيو ۽ کيس  ان ئي سال جيڪب آباد ۾ وٽيرنري اسسٽنٽ جي نوڪري ملي وئي. ڪجھه عرصي کان پوءِ ايڊورڊ وٽيرنري ڪاليج لاهور مان اشتهار آيو ته خواهشمند وٽيرنري ڪاليج ۾  بي. ايس. سي وٽيرنريءَ ۾ داخلا وٺي سگھن ٿا.ان لاءِ هن به درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ هو پهريون نمبر پاس ٿيو، پر ان وقت جي متعصب وٽيرنري ڊائريڪٽر، جيڪو پنجابي هو، (هاڻ ته کيس ان جو نالو به ياد ناهي) ان سندس چئن مهينن جي وڌيل عمر ڄاڻائي کيس داخلا نه ڏياري. انهن ڏينهن ۾ اهو وٽيرنري ڪاليج سڄي پاڪستان جي لاءِ هڪڙو ئي هوندو هو. جنهن ۾باقي هر صوبي جي لاءَ پنج جايون هونديون هيون. باقي سڄو ڪاليج پنجابي شاگردن سان ڀريو ويندو هو.

اتي سنڌ، بلوچستان،سرحد ۽ بنگال لاءِ صرف پنجن پنجن شاگردن جي ڪوٽا مقرر ٿيل هئي. محمد حسن کي ڪاليج ۾ نه چونڊجڻ جو بيحد افسوس ۽ برو اثر ٿيو. پر هن همٿ نه هاري ۽’ همتِ مردان مددِ خدا‘ واري ڳالهه هن لاءِ هيئن جڙي آئي.

هڪ ته سندس والد کيس هڪڙو قرآني وظيفو پڙهڻ جي لاءِ چيو، ٻيو الله تعليٰ  طرفان مدد هيءَ حاصل ٿيس جو جيئن هن ٻئي سال ان ڪاليج ۾ داخلا لاءِ درخوست ڏني ته انٽرويو وقت اچانڪ  ان پنجابي ڊائريڪٽر جي بدلي ٿي وئي ۽ ان ئي ڏينهن هڪڙي پٺاڻ ڊائريڪٽر عزيز احمد پٺاڻ اچي هن کان چارج به ورتي ۽  انٽرويو به ورتو. جڏهن هو هن ڀيري به پهريون نمبر پاس ٿيو ته هن سال ته سندس عمر هڪ سال ۽ چار مهينا وڌيڪ ٿي بيٺي، پر جيئن ته هو هوشيار به هو ۽ پهريون نمبر پاس به  ٿيو هو،  تنهن ڪري عزيز احمد کيس اهو چئي داخلا ڏياري ته هڪ ته هي پنهنجي کاتي جو اسسٽنٽ آهي، انڪري هنجي عمر اها ڳڻي وڃي جنهن عمر ۾ هو هن اداري ۾ داخل ٿيو هو. ائين هو ڪنگ ايڊورڊ وٽيرنري ڪاليج ۾ شاگرد طور سنڌ جي پنجن شاگردن ۾ داخل ٿي ويو.

لاهور ۽ سنڌ جي آب و هوا ۾ وڏو فرق آهي، لاهور گرميءَ ۾ سخت گرم ۽ سرديءَ ۾ سخت سرد ٿيندو آهي. ان گرميءَ جي ڪري هو اتي بيمار رهڻ لڳو ۽ کانئس  بخار اصل نه ٿي لٿو، اتي جي هڪڙي پنجابي دوست جي اصرار تي هو لاهور جي هڪڙي حڪيم وٽ ويو، جنهن کيس اهو ئي چيو ته هتي جي گرمي توکان برداشت نه ٿي ٿئي، تنهن ڪري هم وزن گدامڙي ۽ آلو بخارا وٺي هڪ ڪوري ٺڪر جي ٿانءَ ۾ وجھي رکي ڇڏ ۽ هر هر ان مان پاڻي پيئندو رهندو ڪر ۽ جيترو پاڻي ڪڍينس اوترو وري وجھي ڇڏيندو ڪرينس. بس تنهنجو اهو علاج آهي. هن به ائين ڪيو ۽ سندس بخار لهي ويو. هو نو بنو ٿي ڪاليج جي پڙهائيءَ کي جنبي ويو.

ڊاڪٽر محمد حسن جڏهن وٽيرنري پاس ڪري، ڊاڪٽر بڻجي واپس سنڌ ۾ آيو ته اچڻ سان ئي کيس ڪراچي وٽيرنري اسپتال، ريڊيو پاڪستان جي ڀر ۾ نوڪري ملي وئي. تنهن زماني ۾ هو پوري ڳوٺ لاءِ مسيحا بڻجي پيو. هڪ ته اسان جي پوري تر ۾ ٻيو ڪو به وٽيرنري ته ڇا پر ماڻهن جي لاءِ ڪو ڪمپائونڊر يا ڪو ڊريسر به نه هوندو هو. تنهن ڪري هو جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته ڪيترا ئي ڳوٺاڻا توڙي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ڪيترا ئي مريض هن وٽ دوا خاطر ايندا هئا۽ صحت ياب به ٿي ويندا هئا. هو سخي اهڙو هوندو هو جو جن وٽ پيسو پنجڙ دوا وٺڻ لاءِ نه هوندو هو ته اهو به کين ڏئي ڇڏيندو هو. صرف ايتيرو ئي نه پر سندس وڏي ڀاءُ يار محمد جي ڄاڻ سڃاڻ وارن جو به ڪراچيءَ ۾ علاج ڪرائيندو هو۽ کين صحت ياب ڪرائي ڀاڙو ڀتو ڏيئي دعائون حاصل ڪري واپس ڪرائيندو هونِ.

هو ڪيترن ئي غريب خاندانن جي مالي مدد پڻ ڪندو هو. هو جڏهن ڪراچيءَ مان ڳوٺ ايندو هو ته نه صرف ڳوٺ جا غريب پر اوسي پاسي ڳوٺن جا به گھرجائو هن وٽ ايندا هئا ۽ هن وٽان ڪڏهن به مايوس يا نراس ٿي نه ويندا هئا. جيئن ته هو مذهبي  خيالن جو فرد هو، تنهن ڪري پنهنجو گذريل ماضي ذهن ۾ رکي غريبن جي غمخواري ڪرڻ  ۾ عجيب لطف ماڻيندو هو. ڪراچيءَ ۾ هن سرڪاري نوڪري ان ڪري ڇڏي هئي جو سندس بدلي پريالو ۾ ٿي هئي ۽ هو پريالو وڃڻ نه پيو چاهي. تنهن ڪري هن استعفيٰ ڏني جا منظور نه ٿيڻ تي هن اها ڪورٽ مان عبدالله شاهه (اڳوڻي پيپلز پارٽيءَ جي وڏي وزير ) جي معرفت اها حاصل ڪئي. هن سرڪاري پنج سال نوڪري ڪئي هئي ۽  پوءِ هن پنهنجي پرائيويٽ ’پيرزادا پيٽس ڪلينڪ‘، خالد بن وليد روڊ ڪراچيءَ ۾  هڪ گھر مسواڙ تي وٺي کولي ۽ ان جي پويان اڌ ۾ پنهنجو گھر به رکيائين. سندس گھر ۽ اسپتال ٻئي اهڙن ماڻهن کان خالي ڪڏهن نه ٿيا جو ڪو مريض ڳوٺ جو يا ڪنهن به ڳوٺ جو سندس ڀائرن جي ڏيٺ ويٺ مان رهيل نه هجي يا ڪو مهمان نه هجي.

اتي سندس گھر واريءَ کي لک شاباش جو هن ڪڏهن به منهن نه گھنجايو ۽ هر آئي وئي، مريض مڙي جي خدمت ۾ ڪڏهن به ارهي نه ٿي. شاز و ناظر ڪو اهڙو مهينو خالي هوندو هو، جو گھر ۾ ڪو مهمان نه هوندو هو. هوءَ به غلام حسين جي ڌيءُ هئي، جنهن جو سدائين ننگ ننگيءَ تي هوندو هو.شايد ان جي روح اچي هن ۾ واسو ڪيو هو.جيڪو پنهنجو کاڌو به ٻين جي ٻارن کي کارائي پاڻ پاڻي پي رات گذاري ڇڏيندو هو. هوءَ منهنجي به ماسي هئي. اڃان به ڊاڪٽر کان سواءِ سندس ٻن وڏن ڀائرن جون گھر واريون به منهنجون ماسيون ۽ غلام حسين جون ڌيئر هيون.

ڊاڪٽر صاحب ان دوران پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد پريل عرف انور کي ڳوٺ مان پرائمري ماستري ڇڏارائي (هو ان وقت مهين جو دڙو تي پرائمري استاد جي حيثيت ۾ پڙهائي رهيو هو) ايم. اي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺرائي ڏني ۽ پنهنجي ٻنهي وڏن ڀائرن جي اولاد جي پڙهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اهي اڄ سڀ پنهنجي پيرين سيرين آهن. هاڻ ته ڊاڪٽر محمد حسن پڙ ڏاڏو به ٿي چڪو آهي. کيس پنج پٽ ۽ ٽي نياڻيون اولاد ۾ آهن. سڀ پنهنجي گھرن وارا آهن. دعا آهي ته سندس اولاد تي سندس انهن ڳالهين جو اثر پوي ۽ هو به پنهنجي والد ۽ والده  جيان غريبن جا هڏ ڏوکي، مددگار، غمگسار ثابت ٿين.لکڻ کي ته اڃان به گھڻو ڪجھه اٿم پر اخبار جو خيال اٿم، انڪري اتي اڪتفا ٿو ڪريان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے