19 جمعہ , اپریل 2019

سياسيات ۽ اقتصاديات، ”قطبي ابتڙن جو ميلاپ“

پريم مٿراڻي / دبئي

                         تعارف: بنياد-مهااڏاوت   (Base-Superstructure) جي ڪسوٽي کي سماجي نظام تي لاڳو ڪرڻ لاءِ، ذريعي-سماجي ماحول  (Source-Social Environment) جي ڪسوٽي پيدا ڪئي وئي آهي_ ڇاڪاڻ ته فطرتي نظامن کي هلائڻ لاءِ، خودڪار نظام متحرڪ رهن ٿا جڏهن ته سماجي نظام، انساني جسماني شعوري سرگرمين سان لاڳو رهن ٿا_  اڄوڪو مضمون، انسان جي ڪيل انفرادي اجتمائي سرگرمين جي، بحيثيت مجموعي ”سماجي نظام“ جي، ”سماجي اقتصادي ۽ سياسي متضاد سطحن ۾منتقل ٿيڻ“، جي موضوع سان لاڳاپيل آهي_ بنياد ۽مهااڏاوت جي ڪسوٽي،  قطبي ابتڙن  (Polar Opposite) جو ميلاپ آهي. جنهن ۾ ”ابتڙ قطب“ هڪٻئي کي رد نه،  پر ”ڪشش“  (Attract) ڪندا آهن  ۽ ”ساڳيا قطب“ هڪٻئي کي ”رد “(Repulse) ڪندا آهن، جيئن ”مقدار معيار“ (Quantity-Quality)، مواد صورت“ (Content-Form)، ”مادو شعور (Material-Ideal)“، ”ارتقا انقلاب“ (Evolution-Revolution) وغيره_  جڏهن ته پاساون ابتڙن (Side Opposite) ۾ ”ساڳيا پاسا“ هڪٻئي کي ”ڪشش“ ۽ ”ابتڙ پاسا“ هڪٻئي کي.رد“ ڪندا آهن، جيئن ”ساڄو کاٻو“ (Right-Left)، ”ٿدو گرم“ (Cold-Hot)، ”سڌو اڻسڌو“ (Direct-Indirect)، وغيره_ مضمون ۾ سياست ۽ معيشيت کي هڪٻئي جو ابتڙ ڏيکاريو ويو آهي يعني سماجي نظام ۾ سياسيات ۽ اقتصاديات، هڪٻئي جا ابتڙ هوندي به هڪٻئي کي رد نٿا ڪن پر هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ۽ هڪٻئي سان جڙيل رهن ٿا_ هن مضمون ۾ سياست ۽ معيشيت جي قومي ۽ ثقافتي پاسي جي تعارف کي شامل نه ڪيو ويو آهي_[

ذريعا ۽ ماحول (Sources and Environment):

مادي جسم جي حرڪت (Motion of Matter)، خلا (Space) کانسواءِ ممڪن نه آهي ۽ خلا جو وجود، ڪنهن مادي وجود جي موجودگي (Existence of Being) کانسواءِ ممڪن نه آهي_ اهڙي ريت مادو جيڪڏهن بنياد آهي ته خلا (مڪان) انجي مهااڏاوت آهي _ ساڳي ريت ذريعو (Source) پنهنجي ”ماحول“ (Environment) سان مطابقت قائم ڪندي، انجو بنياد بڻجي ٿو ۽ پنهنجي لاءِ ماحولياتي مڪان (Environmental Space) جي اڏاوت ڪري ٿو_ حياتياتي نظام ۾ جيوَ پنهنجي جيئڻ واسطي ”جياپي جي ذريعن“ (Source of Survival) پيدا ڪرڻ سان گڏ،  ”جياپي جي ماحول“ (Environment of Survival) جي به اڏاوت ڪندو آهي_ ”جياپي جا ذريعا“ حياتياتي نظام جو بنياد هجن ٿا ۽ ”جياپي جو ماحول“ ان جي مهااڏاوتي تشڪيل ڪري ٿو، جنهن سان ڪائناتي-ارضياتي، زمان ۽ مڪان (Space &Time) ۾، جياپي جي گنجائش پيدا ٿي آهي_ (متحرڪ) نظام ۾ بنياد-مهااڏاوت جي ڪسوٽي کي ذريعي- ماحول  جي تعريف ۾ سمجھڻ لاءِ، فطرتي، سماجي ۽ انفرادي طور کنيل، هيٺ ڏنل ٽن مثالن تي غور ڪريو:

1) شمسي نظام ۾، سمورا گرھ ۽ سج (Star Sun)، گرهئي نظام (Planetary System) جو مادي بنياد (Material Base) آهن جيڪي پنهنجي گردش (Circulation) لاءِ محدود مادي قوتن ۽ مادي ڳانڍاپن جو ذريعو (Finite Material Source of Forces and Relations) پيدا ڪن ٿا ۽ِ ڪائنات-ڪهڪشان جي نظام (Cosmo- Galactical System) ۾ پنهنجي گردش جي گنجائش پيدا ڪن ٿا جيڪا، لامحدود (Infinite) زمان–مڪان ۾، شمسي نظام جي مهااڏاوتي سطح قائم ڪري، گرهئي گردش (Planetary Motion) جوِ ڪائناتي ماحول(Cosmic Environment) پيدا ڪري ٿي_

2) ڪاروبار لاءِ، پيداواري عمل (Production Process) ۾ پورهيو (Labour)، پيداواري قوتون ۽ پيداواري ڳانڍاپا (Forces and Relations of Production)، ڪاروباري نظام جو .مادي بنيادي ذريعو“ آهن ۽ ڪاروباري جڳهه (Work Place) ۽ ڪاروباري قانون ۽ ضابطا (Corporate Law)، ڪاروبار جي سماجي ماحولياتي مهااڏاوت (Environmental Superstructure) جي سطح قائم ڪن ٿا_

3) فٽبال رانديگر لاءِ، فٽبال ۽ سندس جسم، راند جو بنيادي مادي ذريعو آهن ۽ راند جو ميدان (Play Ground)، راند لاءِ، ماحول جي اڏاوت (Superstructure) ڪري ٿو_

ذريعا، متحرڪ نظام لاءِ گھربل قوتون ۽ ڳانڍاپا بڻجي وڃن ٿا ۽ ماحول، نظام جي وجود لاءِ، گھربل خلا جي گنجائش پيدا ڪري ٿو_  ذريعا ۽ ماحول، قطبي ابتڙ جي حيثيت ۾، هڪٻئي کان الڳ وجود رکن ٿا پر هڪٻئي جي وجود لاءِ لازم ملزوم پڻ هجن ٿا_

انساني سرگرمين جو سماجي نظام:

انسان، سماجي سرگرمين کي سرانجام ڏيڻ لاءِ، پنهنجي جسماني شعوري پورهئي سان، وسيلا ۽ ذريعا (Sources) پيدا ڪري ٿو ۽ انهن جي استعمال لاءِ گھربل سماجي ماحول (Social Environment) جي اڏاوت پڻ ڪري ٿو_ انساني سرگرمين لاءِ گھربل ذريعن جي ماحولياتي مطابقت، سماجي نظام ۾ بدلجي وڃي ٿي_ آثار قديمه ماهرن جي ڪيل تحقيق مطابق، انسان جي، هٿ-وس سرگرمين (Manipulations) جي شروعات، لڳ ڀڳ ارڙهن لک سال اڳ، اڀي انسان (Homo Erectus) کان ٿئي ٿي_ ان دور ۾، اهي، هٿ وس ڪاريگري ذريعا (Source of Manipulation) انتهائي سادي نوعيت جا هئا، جن جي گروهي استعمال، اڄوڪي سماجي نظام جي جوڙجڪ لاءِ اوائلي ”سماجي ماحولياتي جوڙجڪ“ جو ڪردار ادا ڪيو_ (انجو تصديقي جائزو منهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ تفصيل سان ورتو ويو آهي)_ انساني سرگرمين جي  انهن اوائلي ذريعن ۽ گروهي استعمال کي، ”سماجي پيداواري عملي طريقه ڪار“ ۽ ”منظم سماجي ماحول“ جي اڏاوت ۾، منتقل ٿيڻ لاءِ،  لڳ ڀڳ پنڌرهن لک سالن جو ڊگھو عرصو لڳو_ تهذيبن جي انقلابي دور جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن انساني هٿ وس گروهي سرگرمين جا ذريعا، سماجي قوتون ۽ سماجي ڳانڍاپا بڻجي، سماجي معيشيت جو بنياد (Economic Base) بڻجي ويا ۽ اڻسڌريل گروهي ماحول، سماجي ماحول جي اڏاوت ڪندي، سماجي قانون ۽ ضابطن جي منظم سياسي سطح (Political Level) پيدا ڪئي_

سرمائيداري اقتصادي نظريا :

پورهئي جو عملي طريقه ڪار، پيداواري قوتون ۽ پيداواري ڳانڍاپا،  معيشيت جو بنياد بڻجن ٿا_ پيداواري عمل سان معيشيت جو نظام قائم ٿئي ٿو_  پيداواري عمل ۾ پيداواري وسيلا ۽ پورهيو بنيادي قوتون هجن ٿا، جنهن ۾ پورهيو هنڌ (Work Place) ۽ پورهيو وقت (Work Time)، پيداواري عمل جي زمان ۽ مڪان جي سطح کي ظاهر ڪن ٿا ۽ پيداواري بنياد جي مهااڏاوتي تشڪيل ڪن ٿا_ سرمائيداري پيداواري عمل، سرمائي جي استحصالي ڳانڍاپي جي سبب، بحرانن جو شڪار رهي ٿو_ سرمائيداري اقتصاديات، پنهنجي بحراني نظام جي بچاءُ ۾ نت نوان اقتصادي نظريا (Economic Theories) پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ معيشيت جي حقيقي بنيادن جي جڳهه تي، ”سرمائي“  (Capital)  کي معيشيت جو بنياد ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي_  واڌو قدر  ذريعي ”پورهئي جي استحصال“ ۽ قدر جي نظريي (Law of Value) جي جڳهه تي  ”بازار جي اگهھ“ (Market Price) جو نظريو پيش ڪيو ويندو آهي ۽ ”بازار جي اگھه ۾ لاٿ ۽ چاڙھ“ (Rise & Fall in Marker Price) جي اڻڏ ٺي طريقه ڪار (Invisible Process) کي، پيداواري گردش جو اصلي طريقي ڪار ظاهر ڪيو ويندو آهي_ ”بازار“ (Market)  جي آفاقي مهااڏاوت (Virtual Superstructure) سان گھرج  ۽ فراهمي جا  قانون (Law of Demand & Supply) جوڙي، انهن کي فرد جي انفرادي روين سان لاڳاپيل ڏيکاري، واهپي جا نظريا (Theory of Utility) ميدان ۾ لاٿا وڃن ٿا ۽ انهن جي تصديق آلجبرا ۽ ڪيلڪيولس (Algebra & Calculus) جي استعمال سان، فرضي طرح جوڙيل رياضي جي مساواتن ۽ گرافن (Equations and Graphs) ذريعي ڪئي وڃي ٿي_ پر اهي سموريون ڪوسشون سرمائيداري کي، شديد بحرانن کان بچائي نه سگھنديون آهن_

سرمائيداري پيداواري عمل جي ”ٽمورتي“ منافعو، وياج ۽ ڪرايو:

سيڙپ ذريعي منافعي (Capital-Profit)، ملڪيت ذريعي ڀاڙي (Property-Rent) ۽ قرض ذريعي وياج (Loan-Interest) ڪمائڻ جو طريقه ڪار سرمائيداري پيداواري عمل جو بنياد هوندو آهي_سيڙپ وسيلي، پيداواري وسيلن جي بڻيل مالڪ لاءِ منافعي، وياج ۽ ڀاڙي (Profit-Interest-Rent) حاصل ڪرڻ جي ڪا به حد مقرر نه هوندي آهي_  سرمائيداري پيداواري عمل جي اها ”ٽمورتي“ سدائين سرمائيداري سرشتي تي مهربان رهندي آهي_ سرمائيداري پيداواري عمل جي بحراني فطرت کي سمجھڻ لا۽ ، ”ان ٽمورتي“ کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي، جنهن تي سرمائيداري ڪاروباري ادارن (Companies)، بينڪن (Banks) ۽ ذاتي ملڪيت (Private Property) جو نظام جڙيل هجي ٿو_ (هي موضوع هلندڙ تعارفي ڳالهھ ٻولهھ جي دائري کان ٻاهر آهي).

اجرتي مخلوق  (Wage-Being):

سرمائيداري پيداواري عمل ۾، پورهيت لاءِ اجرت (labour-Wage) جي حد مقرر هجي ٿي_ پيداواري عمل کي حقيقي خالق،  پورهيت جا ٻه روپ (Role) هجن ٿا_ هڪ، هو پيداواري عمل جو هلائيندڙ هوندو آهي يعني هو شين (Commodities) جو خالق (Producer) هوندو آهي ۽ ٻيو ته، هو پنهنجن ئي ٺاهيل شين جو پاڻ خريدار (Buyer) به هوندو آهي_سرمائيداري سرشتو، شين جي وڪري (Selling) جي صورت ۾،  شين جي گردش (Circulation of Commodities) جو عمل جاري ڪندو آهي؛ جنهن ۾، ذري گھٽ سموري انسانذات، پورهئي جي عمل وسيلي، شين کي پيدا ڪري، اجرت حاصل ڪندي آهي ۽ وري انهن ئي شين کي خريد ڪري، اها حاصل ڪيل اجرت، ٻيهر منافعي سميت، سرمائيداري پيداواري عمل ۾ موٽائي ڇڏيندي آهي_ هر ماڻهو ، مرد توڙي عورت، ڄم کان وٺي مرڻ تائين، اهڙي پيداواري عمل جو، حصو بڻجڻ جا پابند هوندا آهن_  تعليمي ادارن جو سرمائيداري تدريسي عمل به سموري انسانذات کي ”بهتر اجرتي مخلوق“ بنائڻ طرف راغب هوندو آهي_

ووٽر مخلوق  (Voter-Being):

معيشيت جو بنياد وجھندڙ پورهيت، سياسي سطح تي، ووٽر (Voter) جو روپ ڌاري، سرمائيداري سياست جا اڳواڻ چونڊي، سياست جي ايوانن (Governing Electorates) ۾ موڪليندو آهي جتي سماجي دستور ۽ قانون جڙڻ جو عمل سرانجام ڏنو ويندو آهي_ چونڊ جي اهڙي عمل کي ”سرمائيداري سياسي جمهوريت“ (Capitalist Political Democracy) چيو ويندو آهي_ سرمائيداري طبقاتي نظام ۾، ڇاڪاڻ ته سرمائيداري ٽمورتي، پيداواري وسيلن جي مالڪ تصور ڪئي ويندي آهي، اها چونڊ (Election) جي عمل تي به سڌي طرح اثرانداز ٿيندي آهي_

سياست ۽ معاشيات، قطبي ابتڙ ڪيئن آهن؟

جيئن ته اسان تعارفي نوٽ ۾ ٻڌائي آيا آهيون ته قطبي ابتڙن  (Polar Opposite) ۾، ابتڙ قطب، هڪٻئي کي ڪشش (Attract) ڪندا اهن ۽ ساڳيا قطب، هڪٻئي کي رد (Repulse) ڪندا آهن_ ڇڪڻ ۽ ڌڪڻ جو عمل، حرڪت (Motion) سان لاڳو ٿيل هوندو آهي_ حرڪت جو عمل، درحقيقت تبديلي جو عمل ئي هوندو آهي_  مادي نظام سدائين حرڪت ۾ رهندا آهن_ يعني نظام، سدائين تبديلي جي مسلسل-مبهم پيچري تي، ارتقائي انقلابي تسلسل ۾ جاري رهندا آهن_ ساڳي ريت، معيشيت، سماجي نظام جو بنياد آهي ۽ سياست، انجي مهااڏاوتي سطح جي نمائيندگي ڪري ٿي_ بحيثيت سماجي نظام جي سياست ۽ معيشيت به تبديلي جي عمل کان لاتعلق نٿا ٿي سگھن_  قطبي ابتڙن جي حيثيت ۾، سياست، سياست ۾ اوستائين تبديلي نٿي آڻي سگھي جيستائين، اها معيشيت جي طريقي ڪار، قوتن ۽ ڳانڍاپن ۾ تبديلي جي مرتڪب نه ٿئي_ ساڳي ريت، معيشيت کي به پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ لاء، سياسي سطح تي، اهڙيون تبديليون آڻڻ جو رستو هموار ڪرڻو پوي ٿو، جيڪي تبديليون،  معاشي سطح تي تبديلين جون مرتڪب ٿين_  اهڙي ريت سياست ۽ معيشيت، بحيثيت مجموعي نظام جي، هڪٻئي سان ابتڙ ڳانڍاپي ۾ ”جڙيل“ رهن ٿيون ۽ انفرادي سطحن تي تبديلي لا۽، هڪٻئي جون محتاج رهن ٿيون_

معاشي ۽ سياسي تبديلين جو لاڙو  (Tendency of Change):

سماجي نظام ۾، قومي معاشي ۽ قومي سياسي سطحن تي،  ابتڙن جي حيثيت ۾، ارتقائي انقلابي تبديلي جو لاڙو، هـيٺن ريت، ٿي سگهي ٿو:

  1. معاشي تبديلي کان قومي-علائقائي سياسي تبديلي ڏي لاڙو
  2. سياسي تبديلي کان قومي-علائقائي معاشي تبديلي ۽ وري سياسي تبديلي ڏي لاڙو
  3. قومي-علائقائي، معاشي ۽ سياسي تبديلين جو گڏيل، هڪٻئي ڏانهن لاڙو
  4. قومي-علائقائي، معاشي ۽ سياسي تبديلين جو تاريخي ارتقائي انقلابي تسلسل وارو لاڙو
  5. قومي-علائقائي، معاشي ۽ سياسي تبديلين جو گھڻقومي- براعظمي لاڙو

سماجي تبديلي جو مرڪز_ سياست يا اقتصاديات:

جديد (New) پيداواري قوتون، قديم (Old) پيداواري ڳانڍاپن جي نفي (Negation) ڪندي، سياسي منڊل (Politics) ۾ تبديلي آڻين ٿيون_ جيڪا مخصوص ڏاڪي تي پهچي، سماجي نّظام ۾، انقلابي بدلاءُ جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿي_سماجي نظام ۾، معيشيت جي بنيادي پيداواري قوتن، ڳانڍاپن يا پورهئي جي طريقي ڪار ۾ بدلاءُ جي اچڻ سان، تبديلي اچي سگھي ٿي_ يعني اقتصادي سطح تي ايندڙ تبديليون، لازمي طور سياسي منڊل ۾ تبديلين جو ڪارڻ بڻجي، سڄي سماجي نظام کي تبديل ڪري سگھن ٿيون_ ٻئي پاسي، اهڙيون سياسي تبديليون، جن سان، معاشي سطح تي تبديليون اچي سگھن، سماجي نظام ۾ بدلاءُ جو ڪارڻ بڻجي سگھن ٿيون_ تنهن جي ڪري تبديلي جو لاڙو (Tendency) سياست کان معيشيت ڏي هجي يا معيشيت کان سياست ڏي، سماجي نظام ۾ تبديلي جو مرڪز، سماجي نظام جو بنياد يعني، معاشيات (Economics) ئي هجي ٿي_ انجو سبب معيشيت جا مادي بنياد، مادي پيداواري قوتون ۽ ڳانڍاپا ۽ ڌرتي تي وسندڙ سموري انسانذات جي، پورهئي وسيلي، پيداواري عمل ۾ شموليت آهي_ جنهن جي بنيادن جي مٿان سياسي منڊل جي اڏاوت قائم ٿيل هجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا هاڻي عوامي شعور جو دور آهي؟

بادل ملاح وزير اعظم پاڪستان عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف، نواز شريف جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے