10 پیر , دسمبر 2018

مذھبي انتهاپسندي

 صاحب خان شيخ/ دبئي

                         هر گذرندڙ ڏينهن، هر مهيني، هر سال، نيون تبديليون، نوان نظام۔ ساڳيا پراڻا ظلم، ساڳي بي حسي جو عالم، ساڳيون پراڻيون ڳالهيون، ساڳيون اميدون ۔ اسان ڪيتري قدر لاچار آهيون۔ وقت هوريان هوريان شاهد بڻجي رهيو آهي. صبر ۽ سهپ هٿ مان واري جيان ڇڏائجي رهيا آهن. اسان بحيثيت انسان هڪ بي اعتمادي جي گس تي خوف جي عالم ۾ سفر ڪندا ٿا وڃون. اسلام جي نالي تي واپار ڪرڻ وارن جا ظلم سهندا ٿا وڃون. ڪٿي پيرن تي ويٺل فقيرن کان. ڪٿي بنگالي بابا کان. ته ڪٿي وري رستي تي ويٺل قسمت جي حال ٻڌائڻ وارن کان.  جتي نه صرف اسان جو ذهني پر مالي نقصان پڻ ٿئي ٿو. اسان ڪيترا لاچار آهيون جو اف به نه ٿا ڪري سگھون. وقت گذرندڙ لمحن سان هڪ ڪڙو امتحان بڻجندو ٿو وڃي ۽ اسان غلام بڻجندا ٿا وڃون.

اسان انسان آهيون يا حيوان! اسان لاشعور آهيون يا مجبور! اسان خدائي مخلوق آهيون يا مشين!

ڪوئي ته اسلام جي آڙ ۾ خودڪش بمباري ڪرڻ وارن کي سمجھائي. ڪوئي ته انهن کي احساس ڏياري ته جذبا اسان جا به آهن۔ ماءُ اسانکي به آ ته پيءُ به! ڀاءُ به آ ته ڀيڻ به! پٽ به آهي ته ڌي به ! ڪوئي ته احساس ڏياري ته اسان انسان آهيون.

شڪايت ڪيان خدا کان يا ڪيان اسلام جي ٺيڪيدارن کان ته ڪوئي ته اچي مذهبي انتهاپسنديءَ واري سوچ کي بدلي. اسان ڊڄون ٿا دوزخ جي باهه کان، ڊڄون ٿا فتوائن کان. يقينن ان خوف اسان جي ذهنن تي تالا هڻي ڇڏيا آهن. اسان مسجد ۾ نماز خاطر امام بارگاهه ۾ پنهنجو فرض نڀهائڻ لاءِ پهچون ٿا ته اوچتو بم ڌماڪو!!! سڀ پنهنجي زندگي هارائي ويهون ٿا۔  اسانجا وارث لاچاري مان پنهنجي پيارن جي لاشن کي سيني سان لڳائي روئن ٿا. ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته اسان جي دانهن ڪير ئي نه ٻڌندو۔ بخوبي واقف آهن ته اسان جي حڪومت جو سلوڪ به  اندهير نگري چرٻٽ راجا جهڙو آهي۔.

خودڪش ڌماڪو ازدا نانگ جيان جيون کي ڳڙڪائي ويو.

"هو مري ويا يا شهيد ٿيا ”

انتهاپسند ڇا ڄاڻن ته جيڪا راند هو کيڏن ٿا اها ڪيتري قدر اذيتناڪ آ. ڪيتري قدر خطرناڪ آ. اسان جي سرڪار کي ته رڳو آهن بي مقصد  فيصلا ڪري  اسان تي مڙهڻ اهي ڪڏهن ٻرندڙ ٽانڊن تي هلن ته پتو پوين ته ڪيتري قدر تڪليف آ هن رستي ۾. هر ڪم جي پنهنجي نوعيت هوندي آهي، اصول هوندا آهن قانون هوندا آهن۔  ڪهڙو ڪم ڪهڙي سهڻي طريقي سان ڪيو ويندوآهي انهي عمل کي مدنظر رکي ڪري حڪمت عملي جوڙي ويندي آهي.

رب پاڪ به پنهنجي ٻانهن کي سهپ ۽ برداشت آهر آزامائيندو آهي. اسلام جي نالي تي جيڪو ظلم ٿئي ٿو،  اسان انجا عادي ٿي چڪا آهيون. اوچتو خودڪش ڌماڪو ٿيڻ اسان جو معمول بڻجي ويو آهي.

ڇا هاڻي اسلام ان بي رحم طريقن  کان سواء  نه ٿو هلي سگھي؟ ظلم جي انتها آهي ته تعليمي ادارن کي به نشانو بڻايو ويندو آهي ايتري قدر جو اسڪولن جي ٻاهران ڪفن اڇلايا ويندا آهن.

اڳ ۾ ئي اسان جي سنڌي سماج ۾ تعليم نه هجڻ برابر آهي ويتر اهڙيون ڌمڪيون، هاڻي ته والدين پنهنجي ٻچڙن کي اسڪول موڪلڻ کان به ڊڄندا ته ڪٿي وري نه بم ڌماڪو ٿئي اسان جا ڏيئا هميشه لاءِ نه اجھامي وڃن.

اسلام جي نالي تي واپار ڪندڙن اسان کي ڪيترن ئي ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. انهن ٽولن جا مولوي صاحب ڳاٽ اونچو ڪري چوندا آهن ته اوهان ئي جنت جا صحيح حقدار آهيون باقي ٻيا سڀ دوزخي آهن.  انهن نه صرف پنهنجو الڳ الڳ اسلامي لباس ٺاهيو آهي پر هر ڪنهن ٽولي جا الڳ الڳ نالا به رکيا آهن. انهن ٽولن سان وابسطه هرهڪ فخر وچان پنهنجي ٽولي جي نالي سان پاڻ کي سڏرائيندو آهي.

اسلام کي سمجھڻ لاءِ انسان ٿيڻ ضروري آهي. اسان ته اڃان مڪمل طور انسان به نه ٿيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے