15 جمعرات , نومبر 2018

حڪومت جي ناقص پاليسين سبب هاري ۽ واپاري نتيجا پيا ڀوڳين: آصف زرداري

Asif Zardariلاهور (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان لاهور چيمبر جي وفد ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته پرڏيهي قرضن جي شرح خطرناڪ حد کي ڇهي رهي آهي، پرڏيهي قرض بلند ترين وياج جي شرح تي ورتا پيا وڃن، آصف زرداري چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين  جو نتيجو هاري ۽ واپاري ڀوڳي رهيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا ثمر عوام تائين منتقل نه پيا ٿين، پ پ ٻيهر حڪومت ۾ اچي واپارين لاءِ سرمائيداري جا دروازا کوليندي، اسان ميدان ۾ نڪرڻ وارا آهيون هاڻي انهن کي ٻڌائينداسين ته چونڊ ڪيئن وڙهي ويندي آهي، پهرين به اسان پنجاب ۾ شڪست نه کاڌي، اسان کي آر او اليڪشن سان هارايو ويو، پنجاب ۾ ڪهڙيءَ طرح شفاف اليڪشن ٿيندا آهن، اسان ٻڌائينداسين، آصف زرداري چيو ته ملتان ۾ جلسو ڪنداسين ۽ انهن کي ٻڌائينداسين ته جلسو ڇا کي چوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے