13 جمعرات , دسمبر 2018

سنڌ ۾ روڊ حادثن جو الميو ۽ انهن جا سبب!!!

رميز علي مهيسر

                         سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ وڃو توهان کي هر هڪ شهر جا منظر، نظارا، طورطريقا، ماڻهن جا رويا ۽ ٻيُون ڪافِي ڳالهيُون بلڪل هڪ ٻئي جي ابتڙ ڏسڻ ۾ اِينديُون پر سڀني ۾ هڪ شئي توهان کي ساڳي نظر ايندي ۽ اها آهي “آمدرفت جو نظام”. اهو توهان کي سڀني شهرن ۾ هڪڙي ئي بگڙيل ڍنگ ۾ ملندو.

آءُ جڏهن به ڪنهن شهر ۾ ويندو آهيان ته آمدرفت جو سلسلو منظر عجيب ۽ غريب نظر ايندو آهي. جنهن به شهر جي اندر ماڻهن کي هِتان کان کڻي هُتي لاهڻ واريُون گاڏيُون نظر  اينديُون آهن ته مُون کي ننڍپڻ وارو دور ياد ايندو آهي (پر شايد اڃا به ان ماضي واري ڳالهھ هن وقت نظر ايندي هُجي) ته جڏهن ڪنهن ماڻهُوءَ کي ڪا کائڻ واري شئي ٻار ڏسندا هُئا (آهن) ته اُتي جا ٻار اُن شخص جي جھولي سان چنبڙي پوندا هُئا (آهن) ۽ وڏي نماڻي انداز ۾ اُهي ٻارڙا ان شخص کان اُها شئي وٺڻ جي ڪوشش ڪندا هُئا (آهن). بلڪُل ائين ئي جڏهن ويگن ايندي ويندي نطر ايندي آهي ته ماکيءَ جي مکن وانگي ماڻُهُو ان جي پويان ڊگيءَ تي چنبڙيل نظر ايندا. ۽ ايتري قدر جو اُن جي مٿان به ويٺل نظر ايندا آهن.  اها ڳالھه سنڌ جي سمُورن شهرن ۾ عام آهي. وري جڏهن توهان موٽر سائيڪلن جي سواري ڪندڙن جو انداز ڏسندئُون ته ائين ويندا گاڏين کي اُڏائيندا جهڙوڪ اڪشي ڪُمار کي به موٽر سائيڪل جي ٽريننگ هنن ئِي ڏنِي آهي. وري رڪشا ڊرائيور ڏِسو ته انهن جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي ڄنگھُون اڳياڙي طرف ٽنگيل هُونديُون ڄڻ ڪنهن وهانءَ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ پيو وڃي. ڄڻ ڪي هن لاءِ اُتي سڄو عوام مُنتظر آهي اُنهن کي هٿن ۾ جهليل ٿانءَ مُختلف قسمن جي طعامن سان ڀريل آهن پر جيستائين هي صدورو نه پُهچي تيستائين ڪنهن کي هڪ گرھ به ناهي کائڻو…ورِي ٽرالن جا ڊرائيور ڏسو ته ڊرائيور پنهنجِي گاڏِي مٿان سامان ايترو ڀرِيندا ڄڻ ڪنهن ٻوڏ مُتاثر جي مدد پيا ڪرڻ وڃن. ورِي اڳتي موٽر وي وارا صاحبان جيڪڏهن هنن کي حد کان وڌيڪ سٿيل گاڏي ڏسن ته بيهاري ڪُجهھ منٽن لاءِ بحث ڪن پر پوءِ جيڪڏهن ڊرائيور صاحب ڪو رستو نٿا ڏسن اُنهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ ته مجبُورن پنجاھ رپين جِي خرچڙي انهن کي ڏيکارين ٿا ته پوءِ اُهي ويچارا مجبُور ته آهن ۽ تنهن کان پوءِ هنن کان پنهنجي خرچڙي وٺي پوءِ هنن جِي پُٺِي ٺپي چوندا ته “ڀيا ڪوئِي بات نهين هم بهائِي بهائِي هين چريا!!! ڏيو مُنهن!!

روڊ رستا زبُون حالي جو شڪار!!

سنڌ جي هر شهر جا روڊ رستا جيڪي اُنهن جي ٻهراڙين ڏانهن مُڙيل آهن اُهي ڏسو ته توهان کي لڳندو جيئن نه ڪنهن بنجر زمين تي ڏاندن جي ميل ٿيڻ کان پوءِ حالت نظر اِيندِي آهي بلڪُل اُهي رستا توهان کي ائين ئِي اهڙِي حالت ۾ نظر اِيندا يا ڪو وڏو زلزلو آيو هُجي جنهن سبب اُنهن روڊن رستن ۾ کڏُون ٺهِي ويُون آهن. ۽ پوءِ جڏهن اُنهن رستن تي سواري جي آمدرفت ٿئي ته عوام جُون چيلهيُون ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏين. اهي کڏُن سان سينگاريل روڊ رستا حادثن جو سبب آهن.

موبائيل جو استعمال!!

شهرن جي عام رستن، ڳليُن، ڳوٺن جي گھٽيُن ۽ ايتري قدر جو قومي شاهراهن تي سواري ڪندي ننڍي وڏي گاڏي جي ڊائيور صاحبن وانگي پيا پيڪيج ڪري پيارن سان ڊگھيُون مٺيُون ڳالهيُون ڪندي نظر ايندا. تان جو خبر پوندي ته ڪنهن ٽرالي جو ٽڪر ٿئي ته پوءِ کڻ پنهنجي ڀاءُ کي!! اهي ئي حرڪتُون به پڻ انهن وڌندڙ روڊ حادثن جو سبب آهن. ميڊيا رپورٽن موجب هر سال 30 هزار حادثا پيش اچن ٿا. پر تنهن هُوندي به ڪو ازالو ناهي.

رپورٽن موجب روڊ حادثن ۾ موت جو شڪار ٿيندڙن جي عمر جو تعداد 15 سالن کان وٺي 29 سالن تائين جي عمر وارن جو آهي. مطلب ته جوانِي ۾ جذبات جو غُلبو هُوندو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي 2014ع واري سال جي رپورٽ مُطابق پاڪستان اندر هر سال روڊ حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 30 هزار 310 تائين پُهچي ٿو. هن جو اهو مطلب وڃي بيٺو ته هر هڪ لک مان 20 ماڻهُو پاڪستان اندر روڊ حادثن جي سببان موت جي ور چڙهِي وڃن ٿا. ان جي ڪري پاڪستان انهن مُلڪن (جن ۾ اڪثر روڊ حادثا پيش اچن ٿا) ۾ 67هين نمبر تي آهي. انهيءَ ساڳئي اداري مُطابق پاڪستان ۾ 2030ع واري سال دوران موت جي جامع سببن مان پنجين نمبر تي روڊ حادثا بڻجِي وِيندا.

پر هاڻي ان مسئلي جو آخر حل ڇا آهي؟ حل ته اسان وٽ ڳالهين کان به وڌيڪ موجُود آهن پر ڏک جي ڳالھه هيءَ آهي ته اسان وٽ ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ جو تحرڪ ۽ عمل ناهي ته پوءِ ان لاءِ ڇا جا حوال؟ پوءِ به آءُ بطور هڪ ادنيٰ قلمڪار ڪُجهھ پنهنجي طرفا ن پنهنجا رايا ۽ صلاح مشورا پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. تنهن ڪري آءُ اهو چوڻ چاهيندس ته سڀ کان پهريان مٿي جن مسئلن جو ذڪر ٿي چُڪو آهي، انهن جو ازالو ٿئي جيئن روڊ رستن جِي صحيح مرمت ڪئي وڃي. روڊن رستن خاص ڪري شهرن کان ٻهراڙين ڏانهن ويندڙ رستن لاءِ جائز فنڊ مُهيا ڪيا وڃن ۽ اتي جا منصوبا مليل ٺيڪيدارن تي به شهبازِي اک هر وقت رکيل هُجي انهن جِي هر هر ڀيري سخت چڪاس ڪئي وڃي. تنهن کان پوءِ عوام جي سهُولت واسطي هلندڙ گاڏين تي ڪڙِي نظر رکي وڃي ته جيئن اُهي هرُوڀرُو ضرُرت کان وڌيڪ ڳرو وزن نه کڻن انهن کان به پهريان جيڪي سرڪارِي مُلازم روڊن رستن تي اُنهن گاڏين جي چڪاس واسطي بيهاريا وڃن ٿا اُنهن جي به هر مُمڪن چڪاس ڪئِي وڃي ته آيا ڪي اُهي پنهنجيُن ڊيُوٽين تي موجُود آهن به يا نه؟

ٻئي پاسي جيڪي تيز گاڏيُون هلائين ٿا انهن کي به ٿورو ڏنڊ وغيره لڳايو وڃي ۽ ڪُجهھ ڏينهن لاءِ انهن سان جيلن جو پيٽ ڀريو وڃي ته خبر پوين ته “گھڻي ويهين سئو آهي”.  خاص ڪري انهن کي ڪڙو مزو چکايو وڃي جيڪي موٽر سائيڪل جو اڳيُون ڦِيٿو مٿي اُڏائي اجي ديوگن ٿيڻ چاهِيندا آهن جڏهن مڻڪو ڀڄين ته سندن کي ڏينهن جا تارا نظر اچِي وِيندا اٿن پر پوءِ ويل ۾ سندن جا گھر وارا ويچارا پئجِي وِيندا آهن. موٽر سائيڪل جي هتي سواري اڪثر ننڍڙا ٻارڙا به ڪن ٿا جن کي انهن دُنيا جي لاهن چاڙهن جي خبر به ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے