14 بدھ , نومبر 2018

جنرل راحيل شريف کي اين او سي ڏيڻ وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارينداسين: تحريڪ انصاف

PTIاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جنرل راحيل شريف کي اين او سي ڏيڻ وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته راحيل شريف کي اين او سي ڏيڻ جو معاملو انفرادي يا شخصي نه پر پاليسي فيصلو آهي، پارليامينٽ جو اجلاس گهرائي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ عام بحث ڪرايو وڃي، تحريڪ انصاف معاملو پارليامين ۾ اٿارڻ جي لاءِ قانوني طريقيڪار اختيار ڪندي. پارلياميٽ ۾ اها ڳالهه طئي ٿي ته مڊل ايسٽ جي ڪنهن به تڪرار ۾ پاڪستان ڌر نه بڻجندو، پاليسي فيصلي تي پارليامينٽ کان اجازت وٺڻ ضروري آهي. تحريڪ انصاف پنجاب جي اڳوڻي صدر اعجاز احمد چوڌري جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم باني جي مودي کان مدد گهرڻ واري بيان جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، حڪومت ايم ڪيو ايم باني خلاف ڪارروائي ۾ بلڪل سنجيده ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جاري: سڀاڻي ٻئي سنڌي روايتن موجب تقريب ۾ نظر ايندا

روم(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دلڪش جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شادي جي ٻنڌڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے