18 اتوار , نومبر 2018

فيس بڪ تان 85 سيڪڙو گستاخ مواد ختم ڪيو ويو: گهرو سيڪريٽري

Islamabad High Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪٽرانڪ ڪرامئز ايڪٽ ۾ ترميم تي اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته فيس مان 85 سيڪڙو گستاخ مواد ختم ڪري ڇڏيو آهي، فيس بڪ بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي سوشل ميڊيا تي گستاخ مواد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 3 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، 2 جوابدار سڌا سنوان ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث آهن. گهرو سيڪريٽري جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهرو وزير 27 مسلم ملڪن جي سفيرن جي سامهون اهو معاملو رکيو، مسلم سفيرن کي چيو ته فيس بڪ تي ان ڪم سان مسلمانن جي جذبن کي ڌڪ رسيو آهي، جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي. ان موقعي تي پي ٽي اي عدالت کي ٻڌايو ته 40 پيجن خلاف ايڪشن ورتو ويو آهي، 25 ماڻهن جي ٽيم ان مواد کي ڳولي رهي آهي، فيس بڪ غير قانوني گستاخ مواد هٽائي ڇڏيو آهي. عدالت ڪيس ٻڌڻي 31 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عبدالقدوس بزنجي طرفان اسپيڪر جو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر جو عهدو ڇڏڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے