15 جمعرات , نومبر 2018

عدالت جو اسحاق ڊار کي ننڍي بجيٽ جو اختيار ڏيڻ تي وزير اعظم کان وضاحت طلب

Nawaz Sharifلاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ننڍي بجيٽ جو اختيار  ڏيڻ خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي وزير اعظم نواز شريف کان پرنسپل سيڪريٽري ذريعي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاطر محمود محمود اختر نقوي طرفان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ضمني بجيت جو اختيار ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جو موقف هو ته سپريم ڪورٽ وفاقي ڪابينا جو اختيار ڪنهن به انفرادي شخص جي حوالي ڪرڻ وارو قدم ڪالعدم ڪري چڪي آهي، وفاقي ڪابينا 100 ملين جي ضمني بجيٽ جو اختيار اسحاق ڊار کي ڏئي ڇڏيو. اسحاق ڊار کي سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقرري جو اختيار به ڏنو ويو آهي، هڪ وزير کي ڪابينا جو اختيار ڏيڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي، ان ڪري عدالت کي درخواست آهي ته ضمني بجيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ناڻي واري وزير کي ڏيڻ وارو قدم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي ناڻي واري وزارت ۽ وزير اعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت 17 اپريل تائين ناڻي واري وزارت کان سڌو سنئون جواب جمع ڪرائڻ جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف کان پرنسپل سيڪريٽري ذريعي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ دونهون ڪڍندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے