19 پیر , نومبر 2018

شوباز وڏي وزير جهڙا ناهيون جو هر منصوبي تي پنهنجي تصوير لڳايون: پرويز خٽڪ

Parvez Khattakپشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان سياست ۾ مال ٺاهڻ جي لاءِ نه پر خدمت جي جذبي سان آيا آهيون، شو باز وڏي وزير جيان نه جو هر منصوبي تي پنهنجي تصوير لڳايون. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ سوال ڪيو ته ڇا ملڪ ان ڪري ٺهيو ته عوام جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو وڃي، چونڊن جي وقت دانهون ڪيون وڃن؟ هن وفاقي حڪومت کان ميٽرو بس سروس جي لاءِ ريلوي جي زمين نه ڏيڻ جو ڏوراپو به ڏنو ۽ چيو ته اسان ميٽرو بس سروس 6 مهينن ۾ مڪمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوين حڪومتن کي پوليس، اسپتال ۽ اسڪولن کي ٺيڪ ڪرڻ جو خيال نه آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے