20 منگل , نومبر 2018

شهر جو امن برقرار رکڻ جي لاءِ آپريشن جاري رهندو: ڪور ڪمانڊر ڪراچي

Core Commandaer Karachiڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن سان معاشي سرگرميون وڌي رهيون آهن ان ڪري امن و امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ آپريشن جاري رهندو. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا سان سڄي ملڪ جي واپاري ۽ صنعتڪارن جي نمائندن واري تنظيم ايف پي سي سي آءِ جي صدر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ واپاري سرگرمين جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.  صدر ايف پي سي سي آءِ جو ان موقعي تي چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن سان ڪراچي ۾ امن بحال ٿيو، امن سان معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۾ امن جي لاءِ واپاري برادري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي.  ان موقعي تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي جو چوڻ هو ته حالتون بدلجي چڪيون آهن ۽ پائيدار امن جي لاءِ وڌيڪ ڪم جاري آهي. قانون لاڳو ادارا شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ فرض انجام ڏيندا رهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Faiz Ahmed Faiz 34th Death Anniversary

انقلاب جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (رپورٽ ايس ايس ) انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے