17 ہفتہ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف هجڻ گهرجي: سراج الحق

siraj al haqپشاور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف هجڻ گهرجي، حسين حقاني جي انڪشافن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته ملڪ جي 5 کان 6 هزار اشرافيه کي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي اڊياله جيل ۾ بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ کي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سراج الحق وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻڌائي مدرسن لاءِ بجيٽ ۾ ڪيتري رقم رکي وڃي ٿي، 40 سال گذرڻ باوجود حڪومت وياج خلاف قانون تي عمل ڪرائي نه سگهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے