13 منگل , نومبر 2018

شرجيل ميمڻ کي نيب جا سچ پتلا لڳندا ته هو سچ ڳالهائيندو: عابد شير علي

Abid Sher Aliلاهور(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته شرجيل شرجيل ميمڻ کي نيب جا سچ پتلا لڳندا ته هو پاڻ ئي سچ ڳالهائڻ شروع ڪندو. بلوڪي پاور پلانٽ جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنجاب ۾ پناهه وٺي يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي ويهي پر ان کي ڦرلٽ جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ ان سميت جنهن به اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي انهن کي عدالتن ۽ عوام کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيسيتائين ماڊل ايان علي جيل ۾ هئي ته پ پ جي سمورن اڳواڻن جي زبان تي تالا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جي خواهش تي هر ڪنهن کي جيل ۾ نٿو وجهي سگهجي: قمر زمان ڪائره

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته الله ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے