15 جمعرات , نومبر 2018

شيخوپوره ۾ شاليمار ايڪسپرين سان آئل ٽينڪر ٽڪرائجي پيو، 2 ڄڻا فوت، 6 زخمي

train Accedentشيخوپوره(ويب ڊيسڪ) لاهور کان ڪراچي ويندڙ شاليمار ايڪسپريس سان شيخوپوره ۾ هرڻ مينار لڳ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي پيو جنهن کان پوءِ 5 بوگين ۾ باهه لڳي پئي، حادثي ۾ ٽرين ڊرائيور سميت ٻه ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي ويا. ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته شيخوپوره ٽرين حادثو انتهائي افسوس جوڳو آهي، ايڪسل خراب هئڻ سبب ٽرڪ ڦاٽڪ تي موجود هو ۽ جيڪڏهن ڊرائيور جلد بازي نه ڪري ها ته حادثو پيش نه اچي ها. اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي ته ٽرين ڦاٽڪ تي پهچي چڪي هئي ۽ اهلڪار ڦاٽڪ بند ڪري رهيو هو، ڦاٽڪ جو هڪ دروازو بند ٿي ويو هو جڏهن ته ٻيو کليل هو ۽ ٽينڪر جي ڊرائيور زبردستي گذرڻ جي ڪوشش ڪئي هو پٽڙي تي پهچي ويو ۽ ڦاٽڪ جي نگراني ڪندڙ اهلڪار سان بحث ڪرڻ شروع ڪيو، ٽينڪر جي ڊرائيور ٻئي پاسي ڦاٽڪ جو گيٽ کولڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته ريلوي اهلڪار ان کي وارننگ ڏني ته ٽرين ويجهو پهچي چڪي آهي ٽينڪر کي پوچي هٽايو پر هن سندن ڳالهه نه ٻڌي ۽ ايتري ۾ ڦاٽڪ تي اچي وئي ۽ حادثو پيش آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے