18 اتوار , نومبر 2018

گئس واڌ منصوبي تي مراد علي شاهه جو وزيراعظم کي خط

Murad Ali shahڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي خط لکيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ 37 ارب رپين جا 97 قدرتي گئس جا منصوبا وفاقي حڪومت جي لڳايل عارضي پابندي ۽ آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي، پابندي آهي ته پنجاب ۾ ڪيئن گئس ڏني پئي وڃي، گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، سياسي بنياد تي گئس جي فراهمي قومي هڪ جھرائيءَ خلاف آهي، خط ۾ وڏي وزير مطالبو ڪيو آهي ته گئس جي فراهمي هڪ طرفي لڳائي وئي، پابندي فوري طور ختم ڪئي وڃي. سنڌ ۾ سڀني گھريلو، صنعتي ۽ ڪمرشل سيڪٽرن کي فوري گئس گراهم ڪئي وڃي، وڏي وزير سيد مرا دعلي شاهه وزيراعظم نواز شريف کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ميڊيا جي رپورٽن موجب وفاق 37 ارب رپين جا 97 قدرتي گئس جا منصوبا پنجاب ۾ شروع ڪيا آهن، جڏهن ته قدرتي گئس جي ان قسم جي واڌ تي وفاقي حڪومت پاڻ عارضي پابندي لڳائي هئي. گئس نيٽ ورڪ جي پنجاب ۾ واڌ آئين جي آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي، پنجاب ملڪ لاءِ ڪُل 3 سيڪڙو گئس پيندا ڪندو آهي ۽ 42 سيڪڙو استعمال ڪندو آهي. ايس ايس جي ايل سنڌ ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن گئس ڏيڻ کان انڪاري آهي، چون ٿا ته وفاق پابندي لڳائي آهي، جيڪڏهن اها پابندي آهي ته پنجاب ۾ ڪيئن گئس ڏني پئي وڃي. ايس ايس جي ايل جي اسپيشل اڪنامڪ زون خيرپور جو ملڪ جو پهريون نمبر انڊسٽريل پارڪ آهي کي به گئس ڏيڻ کان انڪاري آهي. ايس ايس جي ايل وٽ شهري علائقن جي هزارين گھرن جي ڪنيڪشنن جون درخواستون پيل آهن پر گئس نه پئي ڏني وڃي، گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي نظر انداز  ڪيو پيو وڃي. سياسي بنيادن تي گئس جي فراهمي قومي هڪ جھڙائيءَ جي خلاف آهي.سي سي آءِ ۾ قانون واري وفاقي وزير جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪميٽيءَ جي سفارشن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، گئس جي فراهمي هڪ طرف لڳائي وئي پابندي کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، سڀني گھريلو، صنعي ۽ ڪمرشل سيڪٽرن کي فوري طور گئس ڏني وڃي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے