15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪ فوج جي نگرانيءَ ۾ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار وڇائڻ جو سلسلو جاري

Afgha Borderاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان دهشتگرديءَ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي اولانهين سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج جي نگرانيءَ ۾ تار لڳائڻ جو عمل افغانستان طرفان دهشتگردن جي اچ وڃ روڪڻ ۽ شدس پسندن جي ڪارروائين تي نظر رکڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي، برطانوي حڪومت ۾ 1896ع ۾ ڊيورنڊ لائين جيڪا 24 سئو ڪلو ميٽر ڊگي آهي کي اڄ تائين مستقل بارڊر جي حيثيت حاصل نه ٿي سگھي، ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو عمل پاڪستان گذريل سال شروع ڪيو ۽ ڏکڻ  سرحد تي 11 سئو ڪلوميٽر ڊگھي طار لڳائڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي باقي اڌ بارڊر به محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پاڪ فوج تار لڳائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، بارڊر جو اهو حصو تمام خطرناڪ زون چورائيندو آهي، تار لڳائڻ سان انتها پسندي ۽ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ظاهري گھٽتائي ايندي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد ۽ حسين لوائي جي وڌيڪ رمانڊ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے