22 جمعرات , نومبر 2018

اڄوڪي سينيٽ اجلاس ۾ فوجي عدالت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ 28هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ جا امڪان

Senetاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ لاءِ 28 هين آئيني ترميم منظور ڪرڻ لاءِ سينيٽ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيندو،جنهن ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان 28 هين ترميم منظور ڪئي ويندي. اجلاس جي حوالي سان قانون واري وزير زاهد حامد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ جي اجلاس مان اڄ 28هين آئيني ترميم منظور ڪرائي ويندي، ان حوالي سان سمورين جماعتن سان رابطا ڪري گهـُربل انگ پورو ڪري ورتو آهي. زاهد حامد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سياسي جماعتن جا ميمبر سنجيدگي ڏيکارين ها ته هيءَ ترميم 6 ڏينهن اڳ ئي منظور ٿي وڃي ها.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت طرفان مونس الاهي کي وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف ق ليگ جو وفاق ۾ حصو وڌائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے