17 ہفتہ , نومبر 2018

جرڪي سارو ديس پيو آ

imagesجرڪي سارو ديس پيو آ،

ڌرتيءَ سائو ويس ڍڪيو آ.

 

هر ماڻهو اڄ ٻهڪي ٿو پيو،

چيهن جيئن ڏس چهڪي ٿو پيو.

 

فصل به ٿيندا هيل سٺا ڏس،

ٿر بر جو هن مينهن وٺا ڏس.

 

ڌرتيءَ اڃ اجهائي آهي،

هارين ۾ سرهائي آهي.

 

هر ڪنهن طرف اجالا آهن،

ماڻهوءَ مک جمالا آهن.

 

گلڙن جي گلزاري آهي،

جڳمڳ ڏس چوڌاري آهي.

 

سوڪهڙي جا ڏينهن ويا ڙي،

ماڻهو سڀ خوشحال ٿيا ڙي.

 

مالڪ سائين عرض اگهايا،

ملڪ سڄي ۾ مينهن وسايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امان

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو! پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.   نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے