14 بدھ , نومبر 2018

سڃاڻپ بابت اطلاع ڏيندڙ لاءِ انعام، سيوهڻ ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪئي آهي: ثناءُ الله عباسي

Sanaullah Abbasiڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسيءَ چيو آهي ته سيوهڻ ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، سيوهڻ ڌماڪي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ثناءُ الله عباسيءَ جو چوڻ هو ته 38 ڪئميرائن جي مدد سان آپگھاتي حملو ڪندڙ ۽ سهولتڪارن کي سڃاڻي ورتو آهي، 16 فيبروريءَ جي وڊيو ۽ ان کان پهريان جي وڊيوز کي ڏٺو ويو،16 فيبروريءَ جي وڊيو ۾ آپگھاتي حملي آور ڏسي سگھجي ٿو، باريڪيءَ سان ڏسڻ تي خبر پئي ٿي ته حملو ڪندڙآپگھاتي جيڪيٽ پائي رکي آهي، وڊيو ۾ آپگھاتي بمبار ۽ ان جي 2 ساٿين کي گڏ ڏسي سگھجي ٿو، آپگھاتي حملو ڪندڙ ۽ سهولتڪار 15 فيبروريءَ تي هڪ ڪلاڪ مزار ۾ رهيا، پوليس سڀ شاهيون گڏ ڪيون آهن، سي سي ٽي وي وڊيو مان ورتل تصوير سڃاڻڻ جي لاءِ نادرا موڪلي وئي آهي، سڃاڻپ ۾ دد ڪندڙن کي 50 لک رپيا انعام ڏنو ويندو، سڃاڻپ بابت اطلاع 99203438-021 تي ڏئي سگھجي ٿو. رينجرز هيلپ لائين 1101 تي به اطلاع ڏئي سگھجي ٿو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے