20 منگل , نومبر 2018

گڊو بئراج وٽ 33 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچي چڪو آهي: ارسا چيئرمين

Gudu Berajاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ارسا چيئرمين چيو ته گڊو بئراج وٽ 33 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچي چڪو آهي، ڊيمن مان پاڻي پهچڻ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن لڳي ويندا، نواب يوسف ٽالپر چيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ سبب خريف جي پوکي سخت متاثر ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي پاڻي ۽ بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪمٽي جو اجلاس ارشاد خان لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري عمر رسول ۽ ارسا چيئرمين پيش ٿي صوبن کي پاڻيءَ جي فراهمي ۽ بجلي پيداوار بابت بريفنگ ڏني. ايڊيشنل سيڪريٽري عمر رسول بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هن وقت 11 کان 12 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. پاڻي ۽ بجلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته جن علائقن ۾ بجلي چوري يا لائن لاسز وڌيڪ آهي، رمضان کان اڳ 12 کان 13 سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي ارسا چيئرمين اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن اندر صورتحال بهتر ٿي ويندي، گڊو وٽ 33 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهچي ويو آهي. ارسا چيئرمين چيو ته اڳ جي ڀيٽ م ڊيمن ۾ پاڻي جي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيو آهي،  ڊيمن مان سنڌ ۾ پاڻي پهچندي 10 ڏينهن لڳي ويندا. نواب ٽالپر چيو ته سنڌ کي منگلا مان اڌار تي پاڻي ڏنو پيو وڃي، فصلن جي پوکائي روڪي وئي آهي، سنڌ کي پاڻي نه پيو ملي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پينٽاگون پاڪستان کي خطي جو اهم اتحادي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے