21 بدھ , نومبر 2018

سعودي عرب کي مسلمانن جا اختلاف ختم ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي: خورشيد شاهه

Khurshed Shahاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته مسلم ملڪن جون حالتون ٺيڪ ناهن، سعودي عرب کي مسلمانن جا اختلاف ختم ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته مسلم ملڪن ۾ جنگون هلي رهيون آهن، امن جي قيام جي لاءِ سعودي عرب کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ناهي ٿيو، عملدآمد ڪميٽي بڻائي وڃي، لاهور ۾ ڌماڪا ٿيا، آپريشن رد السفاد شروع ٿيو، رينجرز کي اختيار به ڏنا ويا. هن چيو ته  جتي به ڏسو مسلمان ڏکيائين ۾ آهن، عوام جي جذبن سان کيڏيو ويو، حڪومت چيو بجلي ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت رڳو ڳالهيون پئي ڪري، عملي  قدم نٿي کڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے