17 بدھ , اکتوبر 2018

سنڌي عوام لاءِ نوان سائنسي رستا ۽ پاڻ بدلائڻ جا جذبا

پاڪستان جي اهم صوبي سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ سدا آباد سنڌي قوم کي نئين زماني آهر نوان نوان خيال سرجڻ ۽ انهن تي سوچڻ جي موقعو حاصل ٿيو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ميڊيائي وسيلن ذريعي ئي ممڪن ٿيو آهي. دنيا جي ترقيءَ جي ڪري سائنسي وهنوار تيزيءَ سان انساني سماج ۾ داخل ٿي رهيا آهن. سڄي دنيا پنهنجن سياسي ۽ مذهبي عقيدن ۽ نظرين سان آهستي آهستي هڪٻئي کي جاءِ ڏئي رهي آهي. اصل ۾ اها جاءِ اهليت حاصل ڪري ٿي نه ته انهن کي ڪڏهن به اها جاءِ نه ملي سگهي ها.

11 مارچ 2013ع مسيحين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس دنيا کان انهن ڏوهن جي باري ۾ معافي ورتي هئي، جيڪي انهن سائنس ۽ سائنسدانن سان روا رکيا هيا ۽ اعلان ڪيو هو ته عظيم سائنسدان گيليلو ڏوهي نه هيو پر درست رستي تي هيو. ان اعلان ۾ هن سائنس سان 500 ورهين کان هلندڙ لڙائي جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو.

دنيا ۾ سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جا نعرا ۽ مشن تبديل ٿي رهيا آهن. اهي نعرا ۽ مشن بدليل حالتن پٽاندڙ يا عوامن جي گهرجن سبب مٽايا وڃن ٿا. انهن جي تبيلي جو هڪ سبب انهن نعرن جو بي اثر هجڻ آهي ته ٻيو سبب انهن نعرن بدران ٻين نعرن جي گنجائش ۽ اوليت وڌڻ آهي. سياسي ۽ سماجي پارٽين ۽ تنظيمن وانگر دنيا جون اخبارون به نعرن ۽ پنهنجي مشن بابت تبديليون ڪري رهيون آهن.

23 فيبروري 2017ع کان آميريڪا جي جڳ مشهور اخبار پنهنجي لوگو هيٺان نئون نعرو لکيو آهي: Democracy dies in darkness جهالتن ۾ جمهوريت مرندي آهي). 1877ع کان جاري ان اخبار ان کان اڳ ڪنهن به نعري کي ڪتب نه آندو هيو، پر ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ کان هڪ مهينو پوءِ اهو نعرو ڪئين رخن کان وڏي معنا رکي ٿو. پاڪستان جي گادي واري شهر مان نڪرندڙ اخبار ”دي مسلم“ جو نعرو هوندو هيو: قوم ۽ پريس گڏ جيئندي ۽ گڏ مرندي آهي. اهڙي طرح دنيا جي مختلف اخبارن جا مختلف نعرا ۽ مشن رهيا آهن. 1775ع ۾ آميريڪي رياست ورجينا ۾ ٽي اخبارون ” ورجينا گزيٽ“ نڪرنديون هيون، پر ٽنهي جا نعرا مختلف هوندا هيا. هڪ لکندي هئي: ”تازيون مڪاني ۽ عالمي صلاحون“، ٻي لکندي هئي ” بنا ڪنهن اثر جي سمورين پارٽين جي لاءِ“ ۽ ٽين لکندي هئي، “ هميشه آزادي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ“

اهڙي  طرح دنيا ۾ مختلف اخبارن مختلف نعرا پئي ڏنا آهن. جهڙوڪ: اسان رڳو ڇپجڻ جهڙون خبرون ڏيندا آهيون،  سڀاڻي جون خبرون اڄ، قوم جي معمار، صبح جو پهرين خبر، اوهان کي ڄاڻ سان لبريز ڪندڙ، جيڪو اوهان لاءِ بهتر سو اسان لاءِ،  بهادر صحافت، ست ڏينهن هڪ اخبار، سنڊي ٽائيمز کان سواءِ سنڊي ڪهڙو؟ اڻپڙهيلن جي اخبار، سوچيو، اسين پيار ڪريون ٿا، جڏهن اسان ڳالهايون ٿا ته دنيا ٻڌي ٿي، تنهنجي ڌرتي تنهنجي اخبار، تنهنجو ڄاڻڻ جو حق ۽ نئون پاڪستان نئون آواز وغيره .

دنيا تبديل ٿي رهي آهي. ترقي ۾ به ۽ تباهيءَ ۾ به. اڳي ماڻهن کي خبرون حاصل ڪرڻ لاءِ سندن رياست جي ريڊين۽ اخبارن ۽ دنيا جي اڳتي وڌيل ملڪن جي ريڊين تي ڀاڙنو پوندو هيو. هاڻي دنيا جنهن نئين ڍنگ سان اسان جي سامهون آهي، ان جا هرروز نت نوان رنگ نظر اچي رهيا آهن. انهن رنگن ۾ هڪ وڏو ۽ اثرائتو رنگ ”ڊجيٽل ميڊيا“ آهي. ٽيليفون جي صنعتي ترقي، هينڊل تي بئٽري هلائي فون جو ڊائل گهمائڻ کان وٺي موبائيل فون ۽ ان کان پوءِ پيجنگ سسٽم کان اڳيان وڌي ائنڊروائڊ سسٽم جي ڪري دنيا هڪ جديد ڳوٺ بڻجي ويئي آهي، جتي وقت جي فرق هوندي به دنيا جي ملڪن ۾ صبح توڙي رات جون خبرون ان ئي وقت ملي سگهن ٿيون. رڳو ٽي وي سيٽن تي نه پر هٿ ۾ موجود موبائيل فون ۾ پيل سوين ٽي وي چينلن جي مدد سان هڪ نئون وهنوار اسان جي سامهون آهي.

ان کان ٻه قدم اڳتي، انٽرنيٽ جيڪي ”سوشل ميڊيا“ نالي سان نوان ”خابرو دڪان“ کوليا آهن، تن ڪئين پراڻين اخبارن کي يا ته اهڙو ٿيڻ لاءِ مجبور بڻايو آهي يا وري انهن کي پنهنجا پنهنجا دڪان ئي بند ڪرڻا پيا آهن.

اڄ دنيا جا 52 سيڪڙو ماڻهو خبرون سوشل ميڊيا وسيلي حاصل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ فيس بوڪ وسيلي 59.5 سيڪڙو، ٽوئيٽر وسيلي 20 سيڪڙو، يو ٽيوب 12.7 سيڪڙو، گوگل 11.8 سيڪڙو، ٻيا سمورا ذريعا 42.8 سيڪڙو شامل آهن. گذريل 8 ورهين ۾ سوشل ميڊيا  تي 57 سيڪڙو خبرون حاصل ڪرڻ جو لاڙو وڌيو آهي. خبرون حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ ٽي وي 60 سيڪڙو، اخبارون 28.8 سيڪڙو سوشل ميڊيا 27.8 سيڪڙو، ريڊيو 18.8 سيڪڙو، مختلف اشاعتي وسيلا 6.6 سيڪڙو ۽ ٻيا ذريعا 5.7 سيڪڙو شامل آهن.

سو، بدليل حالتن ۾ سنڌي ماڻهن جا سموري پاڪستان جي عوام سان ڪيترا رستا وڌيا آهن، انهن جي ڳالهه، ٻولي، ڪلچر ۽ سماجي ۽ سياسي ڏکن کي ٻڌڻ لاءِ انهن ڪهڙا ڪهرا وجهه ڳوليا آهن. اهڙي طرح پاڪستان توڙي سنڌ صوبي ۾ ترقي واسطي ڪيترا اهڙا ادارا ٺاهيا آهن، جن جي ”ها“ کي سڄي دنيا ”ها” چئي سگهي ۽ جن جي دليل جو وزن سڄي دنيا جي ”نه“ کان به وڏو هجي.

بدليل حالتن ۾ جڏهن سوشل ميڊيا وڏو هٿيار هر ڪنهن جي هٿ ۾ آهي ته انهن کي ڪتب آڻڻ جا طريقا به نه نئين زماني آهر ڪتب آڻڻا آهن. اهي عقيدن ۽ نظرين کان نفرت لاءِ پر پنهنجي خيال کي دنيا ۾ معروف ۽ مشهور ڪرڻ لاءِ هجڻ گهرجن.

سنڌي عوام کي انهن وهمن مان نڪرڻ گهرجي ته ” ڪجهه نه ٿيندو“ يا ” اسان نه سڌرنداسين“ پر ان جي بدران هو سڌاري جي پاسي سفر ڪن. هر شخص پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري. سنڌي عوام هڪڙا پنج ورهيه پنهنجو پاڻ کي ڇڙاڳيءَ کان ضابطي، اگهاڙي بيان کان سفارتي ٻولي، اڪيلائي بدران گڏپ، مڪاني ۽ عالمي سهنجن تصورن ۽ پنهنجي نسل کي تعليم سان سينگاري دنيا آڏو پيش ڪرڻ جهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي.

آچر 9  اپريل 2017ع، 11 رجب المرجب 1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب قتل ڪيس ۽ انصاف جي گهرج ….

ان ڳالهه جو اندازو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي ته معاشري ۾ معصوم ٻارن سان جنسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے