18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ سميت ملڪ ۾ رد الفساد جاري، 50 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

Radul Fassadڪراچي (ويب ڊيس) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد تحت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف ڪامياب ڪارروايون جاري آهن، سڪيورٽيءَ فورسز سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي، ڀڪر ۽ لوڌران ۾ سرچ آپريش ڪندي 50 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس، رينجرز ۽ ڳجهن ادارن ڪراچي جي شيرين جناح واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري 15 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو، سڪيورٽيءَ فورسز ڀڪر جي حيدرآباد ٿل ۽ ٻين علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران 24 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، لوڌران جي صدر ۽ راجن پوري پاڙي ۾ سڪيورٽيءَ فورسز ڪارروائين دوران 28 کان وڌيڪ گهرن جي جهڙتي ورتي،جنهن دوران 56 ماڻهن جي بايو ميٽرڪ تصديق ڪئي وئي، سرچ آپريشن دوران 7 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 3 شڪي موٽرسائيڪلون ۽ منشيات پڻ هٿ ڪئي وئي، سڪيورٽيءَ ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، بيگناهه ماڻهن کي جاچ پڙتال بعد آزاد ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے