16 جمعہ , نومبر 2018

امان

images (1)

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو!

پڙهڻ ٿي هوءَ چاهي رڪاوٽ نه ٿيو.

 

نه پٽ وڌ آهن، نه گهٽ ڌيئون آهن،

ٻنهيءَ کي برابر ڀلا حق ڇو ناهن؟

ٻنهيءَ ساڻ ورتاءُ ساڳيو ڪيو!

امان ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو.

 

اگر پٽ گهرڙن جو سينگار آهن،

ته نياڻيون به نيڻن سندو ٺار آهن،

رڳو فرق سوچن ۾ آهي پيو!

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو!

 

جي نياڻي پڙهي پئي ڀلو گهر جو ٿيندو،

سگهڙ سياڻي نياڻيءَ کي سڀڪو سڏيندو،

مڃو اڄ امڙ هيءُ ”وفا“ جو چيو!

امان! ڀيڻ کي پڻ اجازت ڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناني

ناني مون کي  ڀائيندي آ، ڏاڍو دل سان چاهيندي آ.   روز ٻڌائي ٿي آکاڻيون، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے